عوام انصاف کان محروم ٿي ويو آهي:اياز پليجو

حيدرآباد (پ-ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ 70 سيڪڙو ڪمائي ڏيندڙ سنڌ ۾ غربت ۽ بدحالي آھي۔ مھانگائي جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي۔ تيل، بجلي، گئس سميت اٽو ۽ کاڌي پيتي جي ھر شئي خريد ڪرڻ مشڪل ٿي وئي بيروزگاري ۽ مھانگائي جي ڪري ھر طرف غربت وڌي وئي آھي۔  ڪرپشن سمورن ادارن کي کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي۔ عوام انصاف کان محروم ٿي ويو آھي اياز لطيف پليجي چيو تہ تعليم صحت زراعت پوليس روينيو سميت ڪو به کاتو ڪرپشن جي ڪئنسر کان بچيل ناھي  حڪمرانن کي مسئلا حل ڪرڻ سان ڪا دلچسپي ناھي۔ ھاري، مزدور ۽ مسڪين عوام ڏينھون ڏينھن غربت جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي۔اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ غير قانوني پرڏيھي نہ رڳو معاشي طور بار آھن پر انھن مان ڪيترائي ڪراچي، لاھور، پشاور، ڪوئيٽا، پنڊي ۽ ٻين شھرن ۾ ڌماڪن ۽ دھشتگردي ۾ ملوث آھن. اڪثر شھرن ۾ غير قانوني پرڏيھي پنھنجون الڳ ڪالونيون قائم ڪري ويٺل آھن، جتي مقامي پوليس بہ داخل نٿي ٿئي. اياز لطيف پليجي چيو تہ افغاني، برمي، بنگالي، بھاري ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين کي فوري طور تي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي. پاڪستان ۾ سياسي ۽ اقتداري مفادن لاءِ غير قانوني پرڏيھين کي پھرين بلدياتي ادارن کان رھائشي سرٽيفڪيٽ ڏياريا وڃن ٿا، پوءِ شناختي ڪارڊ اھڙي ريت اھي ملڪيتون خريد ڪن ٿا ۽ سرڪاري نوڪرين ۽ وسيلن تي قابض ٿي ويھي رھن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي ۾ لکين غير قانوني پرڏيھي ويٺل آھن، اھي سڀئي پاڻي استعمال ڪن ٿا، ٽرانسپورٽ استعمال ڪن ٿا، خوراڪ سميت روزگار جي وسيلن تي بار آھن. جيڪڏھن انھن کي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو ويندو تھ سنڌ جي ماڻھن کي اھو روزگار ۽ وسيلا ملي سگھندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ غير قانوني پرڏيھين جي ڪري سنڌ ۾ ھٿيار آھن، منشيات جو آزار آھي. سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪري سمورن غير قانوني پرڏيھين کي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي. وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت انھي فيصلي تي عمل ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.