سيد جي سالگرهه حوالي سان مشال بردار ريليون ڪڍڻ جو فيصلو

رتوديرو( ت ر)جسقم مرڪزي باڊي جو اجلاس رتوديرو ۾ شهيد بشير خان قريشي جي رهائش گاھ تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشيجي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ امجد خان مهيسر، مومن سمون، ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ 17 جنوري تي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 117 سالگرھ جي ٿيندڙ سياسي جلسي جي تيارين جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته اجلاس ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جي حوالي سان 15 جنوري تي سڄي سنڌ ۾ مشال بردار ريليون ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته اجلاس ۾ 16 جنوري تي شام جو 5 وڳي سن ۾ جسقم جي پالسي ساز اداري جيئمسٽ ڪائونسل جو اجلاس پڻ سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اجلاس ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڳالهائيندي چيو ته 17 جنوري سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جو ڏينهن آهي جيڪو سنڌي قوم لاءِ قومي ڏهاڙو آهي، جنهن کي سڄي قوم ڀرپور نموني سان ملهائيندي، جسقم پاران سائين جي ايم سيد جي سالگرھه جو جلسو سن ۾ سيد جي سيراندي کان ڪيو ويندو، جنهن جلسي ۾ سڄي قوم کي شرڪت جي دعوت ڏيا ٿو، هن سيد جي سالگرھ جي حوالي سان 15 جنوري تي سڄي سنڌ ۾ معشل بردار ريليون ۽ جلوس ڪڍيا ويندا جنهن جي سلسلي جسقم ڪارڪن اڄ کان تياريون شروع ڪري ڇڏين، هن وڌيڪ چيو ته سائين جي ايم سيد جو فڪر تاريخ جو سچ آهي، جيڪو ڪامبابي طرف وڌي رهيو آهي ۽ ڏينهن ضرور سوڀارا ٿينداسون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.