جوهي ويجهو مبينا اغوا ڄاڻايل عورت جو مامرو نئون رخ اختيار ڪري ورتو

جوھي (ن ع آ)جوھي ويجھو ڳوٺ حافظ فيض محمد لنڊ مان مبينا طور اغوا ڄاڻايل 22 سالا شادي شدهه عورت سميرا زال ڌڻي بخش لنڊ جي اغوا واري مامري نئون رخ اختيار ڪري ورتو,  عورت سميران زال ڌڻي بخش لنڊ پنهنجي ئي ڳوٺ جي نوجوان گلشاد علي لنڊ ولد حسين لنڊ سان 7 جنوري تي  ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ پيش ٿي پرڻو ڪري ڇڏيو آھي ۽ اھڙو نڪاح نامون جوھي ٿاڻي ڏانھن موڪليو ويو آهي, ان سلسلي ۾ جوھي پوليس جي ايس ايڇ او منور چانڊيو جو چوڻ آهي ته جوڙي کي ھٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاء ٽيم جوڙي وئي آهي. ياد رهي ته عورت سميرا لُنڊ کي مبينه اغوا ڪرڻ جي الزام هيٺ جوهي ٿاڻي تي سندس پيءُ مولا بخش جي فرياد تي 6 ڄڻن خلاف اغوا ۽ زنا جو ڪيس داخل ڪيو ويو هيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.