گولاڙچي ۾ ايڪشن ڪميٽي جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

گولاڙچي ( ن ع آ ) گولاڙچي ۾ تعلقي ايڪشن ڪميٽي  مطالبن جي مڃتا لاءِ 12 ڏينهن به احمد راڄو روڊ کان شهيد فاضل راهو چوڪ تائين مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ناز نوتڪاڻي، نبي بخش سميجو، لال بخش چانڊيو  ۽ ٻين صحافين سان ڳالهيندي چيو ته تعلقي جي ٻن ٽائون ڪميٽين 12 يونين ڪائونسلن  کي ماهوار اٽڪل 2ڪروڙ روپيا ملندا آهن، پر نه ٽائون ڪميٽين ۾ ترقياتي ڪم ٿين ٿا نه وري يونين ڪائونسلن ۾َ پئسا الاهي ڪيڏانهن ٿا وڃن، گولاڙچي جي روينو آفيسن ۾َڪرپشن جي بازار گرم آهي  ڊومسائيل ۽ پي آر سي۽ ري رائيٽنگ وارو ڪم به  بدين منتقل ڪيو ويو آهي، هنن سنڌ سرڪار ۽ واسطيدار اختيار کان مطالبو ڪيو آهي ته گولاڙچي تعلقي جي ٽائون ڪميٽين ۽ يونين ڪائونسلن کي ملندڙ گرانٽ جي جانچ ڪرائي وڃي ۽ ڊوميسائيل، پي آر سي ۽ ري رائيٽنگ وارو ڪم واپس گولاڙچي ۾ آندو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.