پاڪستان ۾ گردشي قرض 23 کربن کان وڌي ويا، پي ٽي آءِ دور ۾ 1158 اربن جي واڌ

اسلام آباد( م ڊ) پاڪستان ۾ گردشي قرض جو مسئلو نبرجي نه سگهيو. بجلي بحران سبب ملڪ تي گردشي قرض 2306 ارب يعني 23 کربن تائين پهچي ويا آهن. توانائي جي ڪابينا ڪميٽي موجب گردشي قرض وڌڻ جو سبب بجلي چوري، رهتون نه ملڻ ۽ توانائي شعبي جي پبلڪ سيڪٽر جي ناقص ڪارڪردگي سبب قرض وڌيا. واضح رهي ته ملڪ 13 ورهين دوران گردشي قرضن ۾ دٻيل آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سمارٽ ميٽر جي چونڊ نه ڪرڻ به گردشي قرض جو ڪارڻ  آهي. آءِ پي پيز کي ادائگيون نه ٿيڻ سبب انهن جي بجلي پيداوار گهٽجي رهي آهي.  پاڪستان ۾ گردشي قرض 2008 ع ۾ ڇهه هزار ارب هئا، پ پ دور ۾ اهي 13 هزار اربن تائين پهتا، جن کي نواز ليگ دور ۾ 1158 تائين پهتا. ان سلسلي ۾ اڳوڻي سيڪريٽري يونس ڍاڳا چيو ته ٽن ورهين ۾ 2000 اربن جي واڌ سمجهه ۾ نه ايندڙ آهي،حڪومت ڪارڪردگي بهتر ڪري. يونس ڍاڳاچيو ته سنڌ جو ڪچو، ڪي پي، فاٽا، بلوچستان ۽ ٻين علائقن مان رهتون ملڻ ۾ ڏکيائي آهي پر منهنجي دور ۾ سنڌ سرڪار سان ڪجهه مسئلو حل ڪيو ويو هو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.