”ٻيٽن تان والار ختم ڪري ماڻهو کنڀڻ بند ڪيو “ اسلام ڪوٽ ۾ ريلي، ڪنوينشن

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) اسلام ڪوٽ ۾ سنڌي هاري ڪميٽي طرفان هارين، پورهيتن سان ٿيندڙ ناانصافين،ظالم زميندارن، وياج خورن ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضن ۽ سياسي ڪارڪن کنڀي گم ڪرڻ خلاف ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ٽائون موڙ تي ڌرڻو هنيو ويو. پريس ڪلب  وٽ خطاب ڪندي ڪامريڊ امداد قاضي،گلاب پيرزادو،ڪامريڊ اقبال ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ هاري طبقي سان اڄ به وڏيرا ۽ ظالم زميندار ظلم ڪري رهيا آهن،جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين،ٿر ۾ هارين،مزدورن ۽ پورهيتن سان وڏيون زيادتيون ٿي رهيون آهن،هتي وڏيرا ۽ سيٺيا غريب ماڻهن کي وياج ۾ ڦاسائي قيد ڪري ظلم ڪري رهيا آهن. ڪُڌي ڪاروبار سبب خودڪشيون وڌي ويون آهن. اسان سنڌي هاري ڪميٽي جو ٿر ۾ بنياد وجهي ڇڏيو آهي،هاڻي ڪنهن به هاري ۽ مزدور سان ظلم برداشت نه ڪبو. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي غيرقانوني والار جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، جن تان قبضو فوري طور ختم ڪيو وڃي. سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي،جيڪو عمل سراسر غلط آهي،ڪٿي آهن ملڪ جا ادارا،سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪري ڇا ٿو ثابت ڪيو وڃي. هنن چيوته وزيراعظم عمران خان ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ناهي ڇڏي،روز مهانگي جا نوان بم عوام تي ڪيرايا پيا وڃن،هي نئون پاڪستان ناهي،ٻئي پاسي اسلام ڪوٽ ۾ ”هاري ڪنوينشن“ ۽ شهيد شاھ عنايت جي ياد ۾ ”جو کيڙي سو کائي“ هاري ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي،جنهن ۾ سنڌ،پنجاب،ڪي پي ڪي،بلوچستان جي صوبن مان هاري ڪميٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي،جنهن کي خطاب ڪندي ڪامريڊ امداد قاضي،ڊاڪٽر مبارڪ علي،ڊاڪٽر رياض احمد شيخ،گلاب پيرزادو،ميرمنور ٽالپر ۽ ٻين چيو ته شهيد شاھ عنايت جو کيڙي سو کائي جو نعرو ڏنو،هميشه هارين،پورهيتن ۽ مظلوم طبقي لاءِ جدوجهد ڪئي،اُنهي ساڳئي واٽ تي هلندي هارين جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پوندي. ميڊيا کي يرغمال بڻائي سينسرپ شپ تحت هلايو پيو وڃي. ادارا پنهنجو ڪن ڇڏي ٻين جي ڪمن ۾ مداخلت پيا ڪن،هنن چيو ته ملڪ ۾ هارين،مزدورن ۽ پورهيت طبقي لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي ويئي آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.