داد لغاري ويجهو ساجن اڏي تي ننگراڻي ويلفيئر آرگنائزيشن پاران پاڪستان پبلڪ اسڪول ۾ مچ ڪچھري ڪرائي وئي.
مجيب ، محسن, محمد علي ، گھنور خان پتافي جي انتظام هيٺ ڪرايل مچ ڪچهري ۾ سگھڙ شاعرن ۽ اديبن توڙي فنڪارن سر وکيري سنڌ جي ثقافتي رنگن کي نروار ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا .
مچ ڪچهري تقريب ۾ صحافين امجد لغاري، نديم مھر، ستار لغاري، نعيم پتافي سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏھن ته پروگرام جي آخر ۾ آيل مھمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ۽ مڃتا ايوارڊ ورھايا.