پير ڳوٺ ۾ وڌندڙ چورين خلاف احتجاج، ٽائر ساڙي ڌرڻو

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرجوڳوٺ شھر جي چانڊيه محلي ڀرسان نامعلوم هٿياربند انيس احمدميمڻ جي دڪان جا تالا ٽوڙي لکين رپين جي چوري ۽ شھر اندر چوري جون وارداتون وڌڻ خلاف شھرين انيس احمد ميمڻ،  سيد علي شاھ راشدي، عرفان علي لوڌي، جاويد احمد چانڊيو، قدوس ميمڻ، استاد ياسين، عبدالحميد، راھيل احمد، عارف علي، رحمت الله شيخ ۽ ٻين سکر پيرجوڳوٺ روڊ تي راشدي گيٽ وٽ احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي مظاھري جي اڳواڻي ڪندڙن دانھيندي چيو ته چورن شھر اندر آزار ڪري ڇڏيو آھي دڪانن جا تالا ٽوڙي لکين رپين جو سامان کڻي فرار ٿي وڃن ٿا پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه پئي ڪري اسين پورھيت چورين جي وڌنڌڙ آزار سبب سخت پريشان ٿي ويا آھيون لڳي ٿو ته پوليس ڏوھارين سان ٻٽ بڻيل آھي، هنن ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي آھي ته متاثر ماڻهن جي واھر ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.