فريد آباد ۾ کنڀي گم ڪيل ڀائرن جي آزادي لاءِ بک هڙتال

فريدآباد (رپورٽ: معشوق چانڊيو) فريدآباد ۾ جبري طور کنڀي گم ڪيل ٻن ڀائرن رياض ۽ امتياز جي آزادي تائين مسلسل وارثن پاران شروع ڪيل علامتي بک ھڙتال پنجين ڏينھن تي انتھائي ٿڌ ۽ ٿڌي ھوا ۾  ڏڪندي زوردار نعرن سان مسلسل 12 ڪلاڪ بک ھڙتال جاري رھي. بک ھڙتال ۾ سياسي سماجي اڳواڻن شھرين ۽ معصوم ٻارڙن شرڪت ڪئي. پنجين ڏينھن  بک ھڙتال جاري کنڀي گم ڪيل ٻن ڀائرن رياض ۽ امتياز جي وارثن اڳواڻن بک ھڙتال آرگنائيزر راجا مزمل خاصخيلي. حاجي خان خاصخيلي. اسدالله سنڌي. حسين بشير سنڌي. عارف عمر.  عباس شفيع خاصخيلي. اعجاز علي ۽ علي اصغر سميت ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي نوجوانن رياض ۽ امتياز خاصخيلي کي جبري طور کنڀيندي 9 مھينن کان مٿي عرصو گذري چڪو آھي پر ھينئر تائين سندن جو ڪوبه ڏس پتو ڪونھي ته ھو ڪٿي آھن ۽ ڪھڙي حال ۾ آھن. نوجوانن جي گمشدگي جو ھينئر تائين انصاف گھرن ۽ باختيار ادارن پاران ڪوبه نوٽيس ناھي ورتو ويو. اسان جي ھن مسئلي تي سنڌ حڪومت پڻ مسلسل ڪن لاٽار ڪندي پئي اچي . اسين مسڪين ۽ غريب ماڻھو آھيون اسان جي نوجوانن جو ڪنھن به سياسي. قومي پارٽي گروپ يا تنظيم سان ڪوبه تعلق ناھي اسين ڪورٽن جا درکڙڪائڻ سميت مسلسل سراپا احتجاج ڪري رھيا آھيون.  پر ڪٿان به ڪا اميد نظر نٿي اچي. اسان جي ھڪ ئي سادو گھر آھي ته جبري طور کنڀي لاپتا ڪيل اسان جي گھرن جي چشم و چراغ جي گمشدگي جو نوٽيس وٺي انھن کي آزاد ڪيو وڃي اسان جا نوجوان بي گناھ آھن اوھان جي نظر ۾ جيڪڏھن  انھن تي ڪي به چارجز آھن ته انھن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪري اسان وارثن جي بي سڪوني ۽ بي چيني ختم ڪئي وڃي.  ھنن وڌيڪ چيو ته  پاڪستاني آئين مطابق چيف جسٽس آف پاڪستان ـ انساني حقن جي ڏيھي توڙي پرڏيھي تنظيمن سميت وس وارين اختيارين ۽ باختيار ادارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي بي گناھ نوجوانن رياض ۽ امتياز خاصخيلي جي جبري گمشدگي خلاف نوٽيس وٺي انھن کي آزاد ڪيو وڃي. ھي احتجاج مسلسل 12 ڪلاڪ نوجوانن جي آزادي تائين رھندو. ۽ نوجوان جي آزادي تائين جدوجھد جاري رھندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.