سکر ۾ نينگري سان زيادتي، عوامي آواز جي خبر تي ايس ايس پي جو نوٽيس

سکر(رپورٽ :شفيع محمد ابڙو) سکر ۾ يارهن سالن جي نينگري بلقيس ميراڻي کي اغوا بعد جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ واري خبر عوامي  آواز ۾ شايع ٿيڻ بعد ايس ايس پي سکر عرفان سمون نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او ايئرپورٽ کي فوري طور جوابدار گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو، ايس ايس پي جي حڪم بعد پوليس نينگري بلقيس جي ڏاڏي معشوق ميراڻي جي فرياد تي ٽن سڃاتل  ۽ هڪ نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري نياڻي سان زيادتي ڪندڙ ٻن جوابدارن عامر ۽ توفيق شيخ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته مک جوابدار ممتاز شيخ کي پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي. جڏهن ته  نينگري کي علاج ۽ ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ٻي طرف جوابدارن کي رمانڊ لاءِ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت جوابدارن کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.