ڪوٽ مير محمد ويجهو نماز پڙهي نڪرندڙن تي حملو، 2 سئوٽ قتل، 2 زخمي

ڪوٽ مير محمد/ پير ڳوٺ (رپورٽ: عبدالرحيم عباسي+ علي گل جوڻيجو  )ڪوٽ مير محمد ويجهو هلندڙ ڀٽا اوڍا ۽ ناريجا تڪرار تان وڌيڪ 2 ماڻهو قتل ۽ ٻه ڄڻا زخمي  ٿي پيا، هٿياربند موقعي تان فرار ٿي ويا. فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ۾  ڳوٺ ڀٽا الرا ۾ جامع مسجد مان سومهڻي جي نماز پڙهي نڪرندڙ ڳوٺاڻن تي هٿياربندن ڇتي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب سراج احمد پٽ رفيق احمد ڀٽو موقعي تي ئي قتل ٿي ويو جڏهن ته ابوبڪر پٽ حفيظ الله ڀٽو، غلام مرتضي پٽ حبيب الله ڀٽو ۽ 4 ورهين جو معصوم بارڙو احمد رحمان پٽ محمد علي ڀٽو سخت زخمي ٿي پيا، جوابي فائرنگ بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، واقعي بعد ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت قتل ٿيل نوجوان جو لاش ۽ زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾کڻائي سول اسپتال خيرپور وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ زخمين مان نوجوان ابوبڪر پٽ حفيظ الله ڀٽو زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ٻن زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور نيو ويو ان کان بعد قتل ٿيل ٻنهي نوجوانن جا لاش تعلقه اسپتال پيرجوڳوٺ پهچايا ويا، پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي ٻئي طرف علائقي ۾ سخت خوف حراس واري صورتحال پکڙيل آهي،  انسلسلي ۾ صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي ڀٽا برادري جي چڱي مڙس صدرالدين ڀٽو ٻڌايو ته ڀٽا- اوڍا ۽ ناريجا برادرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار تان  ناريجا برادري جي 30 هٿياربندن ڳوٺ تي حملو ڪيو، هن وڌيڪ ٻڌايو ته حملي جو بروقت حد جي فيض محمد ٻندو پوليس کي اطلاع ڪيو ته ٿاڻي جو ايس ايڇ او عبدالقادر چانڊيو سکر ويٺل هو، ايس ايس پي خيرپور ڪال اٽينڊ ڪانه ڪئي،  جڏهن ته ٿاڻي جي ٻئي پوليس پڻ مدد لاء ڪانه پهتي، جنهن ڪري حملو ڪندڙ آساني سان فرار ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.