ڌاٻيجي: بجلي گهرن جي ملازمتن ۾ مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪرڻ خلاف احتجاج

ڪوسٽل سجاڳ فورم ساڪرو جي اڳواڻن پاران ڌاٻيجي لڳ ڪوسٽل هاءِ وي تي مقامي  فيڪٽرين ۾  ڌرتي ڌڻين لاء روزگار جا دروزا بند ڪرڻ خلاف احتجاج ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي  نبيل رند ،شاهنواز جت ،اصغر جت حسين جوکيو ،نظير خانيو ۽ ٻين دانهيو  ته ڌاٻيجي لڳ ڪوسٽل هائي وي تي بجلي گهرن ۾ مقامي ڌرتي ڌڻين لاء روزگار جا دروزا بند ڪيا ويا آهن ،  اٽي ۾ لوڻ برابر ڪم ڪندڙ مقامي پورهيتن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪري نجي جيل جيان ڪم ورتو ٿو وڃي  جنهن سبب سامونڊي پٽي جا ماڻھو اڄ به پٿر واري زندگي گهارڻ  تي مجبور آھن

هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏھن مقامي ماڻھن کي پنهجا حق نه ڏنا ويا ته سڄي ضلعي اندر احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.