هالاڻي :ڪوهيڙي سبب ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ، 2 ڄڻا سخت زخمي

هالاڻي ۾ ڪوهيڙي سبب ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، راڻي پور محرابپور لنڪ روڊ تي ڪوهيڙي سبب ڪار موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو جنهن  کانپوءِ  پويا ايندڙ ٽريڪٽر سندن مٿان چڙهي ويو جنهن  جي نتيجي ۾ ساجد پٽ عبدالرشيد چوهاڻ ويٺل ڀرياروڊ ۽ نعمان پٽ ابراهيم ملڪ ويٺل بهلاڻي سخت زخمي ٿي پيا ، جن کي رورل هيلٿ هالاڻي پهچايو ويو،  زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي  هجڻ سبب نواب شاه  رفر ڪيو ويو،  آخري اطلاع تائين ڪو به  ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۔

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.