ٺٽي ۾مسڪين شاگردن کي مفت تعليم لاءِ جاڳرتا مهم

ٺٽو(بيورو چيف) تعليم جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھندڙ غريب ۽ مسڪين شاگردياڻين ۽ شاگردن جي مدد لاءِ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان سماجي اڳواڻ رشيد جاکرو پاران جھولي مھم ڪئمپ قائم ڪئي وئي. جتي سياسي سماجي اڳواڻن، استادن ۽ صحافين غريب شاگردن جي مدد لاءِ ڪاپيون، ڪتاب، پينون، پئنسل، بوٽ ڪپڙا ۽ روڪ رقم پڻ جمع ڪرائي. ان سلسلي ۾ تعليم جي عالمي ڏھاڙي تي غريب شاگردن لاءِ ڪئمپ لڳائيندڙ سماجي اڳواڻ رشيد جاکرو چيو تہ سرڪار پاران ڪروڙين رپيہ بجيٽ ھئڻ باوجود مسڪينن شاگرد ڪتاب، پين، ڊريس ۽ بوٽ لاءِ پريشان ھوندا آھن، منھنجي ھي ننڍڙي ڪوشش سرڪاري فنڊن جي صحيح نموني استعمال نہ ٿيڻ جي نشاندھي سان گڏ سرندي وارن ماڻھن ۾ پنھنجي ڳوٺ ۽ پاڙي جي سرڪاري اسڪولن جي مالڪي جو احساس پيدا ڪرڻ  آھي. ھن چيو جيڪڏھن سمورا پنھنجي پنھنجي اسڪولن جي مالڪي ڪن تہ تعليم جي بھتري سان گڏ شرح بہ ۾ اضافو اچي سگھي ٿو. ھن چيو انشاءاللہ مليل سامان جلد سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھندڙ غريب ۽ مسڪين شاگردياڻين ۽ شاگردن ۾ سامان ورھايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.