نوابشاهه ۾ زمين تي قبضي ۽ ڌمڪين خلاف احتجاج

نوابشاهه ( ڊر ) تعلقي نوابشاھ جي ديھه 28 داد جي ڳوٺ شھمير چانڊيو جي رھواسي ذوالفقار علي چانڊيو نوابشاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو آهي ته منھنجي والد محمد بچل جي 4 ايڪڙ زرعي زمين ديھه 28 داد ۾ آھي، جنھن تي منھنجو چاچو علي مراد زبردستي قبضو ڪري ويٺو آھي، ھن چيو ته مان حد جي تپيدار ميھر علي رتڻ کي شڪايت ڪئي جنھن مون کان ڳري رشوت وٺي مون کي نه فوتي کاتو جاري ٿو ڪري نه  ئي ڪا ڪاغذي ڪارروائي ٿو ڪري ۽ مون کي آفيس مان ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏين ٿا، ھن چيو ته منھنجو چاچو علي مراد چانڊيو مونکي جان کان مارڻ جو ڌمڪيون ڏئي ٿو ۽ ان مان مون کي جان جو خطرو آھي. ، ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته منھنجي زمين تي قبضو ڪندڙ چاچي علي مراد چانڊيو ۽ رشوت وٺندڙ ميھر علي رتڻ خلاف ڪارروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ منھنجي زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.