کهڙن لڳ مچ ڪچهري، صوفي راڳين سر وکيريا

کهڙا ( ن ع آ )  کهڙا ۾ مچ ڪچهري ، صوفي راڳي گلاب گلجي ميگھواڙ راڳ جا سر وکيريا، مچ ڪچهري ۾ ميگھواڙ برادري سميت شهرين جي ڀرپور شرڪت، مهمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش.  کهڙا ۾ ميگھواڙ برادري پاران ثقافتي مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي جنهن جو مهمان خاص مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جو ايڊيشنل اطلاعات سيڪريٽري ڪامريڊ نثار ابڙو هيو ان موقعي تي ميگھواڙ بادشاھ، ڀورو مل، رائمومل، مڪيش، مصري مل، منو مل، ريمو مل ۽ ٻين مچ ڪچهري ۾ شريڪ مهمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا جڏهن ته صوفي راڳي گلاب گلجي ميگھواڙ صوفي ڪلام ڪو آ رحمان جي پاسي ڪو آ ڀڳوان جي پاسي ۽ قومي گيت هي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن ۽ ٽوپي اجرڪ وارا جيئن ڳائي محفل کي مست ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ف ليگ اڳواڻ ڪامريڊ نثار ابڙو ،نذير احمد اڄڻ، سماجي اڳواڻ نظر حسين سمون ۽ ٻين چيو ته اڄ جي مچ ڪچهري ذات پات، مذهب ۽ رنگ نسل کان هٽي نج سنڌ جي روايتي ڪچهري آهي ۽ ميگھواڙ سنڌ جا اصل وارث آهن. هن شاندار مچ ڪچهري ۾ ميگھواڙ برادري سميت کهڙا شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.