کارادر ۾ عمارت لاوارث، گودام رهواسين لاءِ خطرو بڻيل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي کارا در واري علائقي ۾ قائم مريم پئلس جي گرائونڊ فلور تي موجود گودام رهائشين جي جانين لاءِ خطرو بڻجي ويو آهي. بلڊنگ جي گودام نمبر 8 کي شٽر ئي ناهي، جنهن ڪري گودام اندر گنڌ ڪچرو ۽ سيوريج جو ڪنو پاڻي گڏ ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري عمارت جي پيلرن کي سخت نقصان رسي رهيو آهي. ان سان گڏ منشيات جا عادي ماڻهو به ان گودام جي لاوارثي سبب ان ۾ ديرا ڄمائي ويهي رهن ٿا، جنهن ڪري اهو منشيات جي استعمال جو هنڌ ٿي ويو آهي. گودام ۾ منشيات فروشن جي موجودگي سبب بلڊنگ ۾ رهندڙ فئملين ۽ ٻارن وارا ماڻهو سخت پريشان آهن. انهي گودام جي مالڪ بابت ٻڌايو ويو آهي ته اهو گهڻي وقت کان لاپتا ٿي ويو آهي، جنهن جو ڪو ڏس پتو نه ملي رهيو آهي. بلڊنگ جو ڪو ڌڻي سائين ڪونهي. بلڊنگ جي رهواسين سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي بلڊنگ ۽ ان جي گودام جي مالڪي ڪئي وڃي ۽ رهواسين کي امڪاني نقصان کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.