سکر جو ناميارو قانون دان ۽ سپريم ڪورٽ جو وڪيل ڊيوڊ لارنس لاڏاڻو ڪري ويو

سکر(رپورٽر)سکر جو سينيئر سپريم ڪورٽ جو وڪيل ڊيوڊ لارنس اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي. سندس وڇوڙي تي هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن ۾ وڪيلن پاران عدالتي ڪاروائي معطل ڪئي وئي، ياد رهي ته ڊيوڊ لارنس 42 سالن کان وڪالت ڪندو هو. سندس شمار ملڪ جي سينيئر وڪيلن ۾ ٿيندو هو، هو پنهنجي دور ۾ مختلف وقتن دوران هاءِ ڪورٽ بار، سيشن ڪورٽ بار جي مختلف عهدن تي پڻ رهيو. مرحوم پنهنجي وڪالت سکر کان ئي شروع ڪئي هئي ۽ چاليهن سالن کان وڌيڪ عرصو وڪالت ذريعي ماڻهن جي خدمت ڪئي، سندس وڇوڙي سان سکر سميت ملڪ جو عوام هڪ سٺي وڪيل کان محروم ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.