ملير ۾ سول سوسائٽي جي تعليمي ريلي

کوکراپار (ن ع آ) سول سوسائٽي ملير  استادن سماجي تنظيمن  ۽ملير جي صحافين  طرفان ميمڻ ڳوٺ ۾ گڏيل مرڪزي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن چونڊيل نمائندن، شاگردن، استادن سميت علائقي جي رهواسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ريلي ۾ شريڪ سوين ماڻهو ميمڻ ڳوٺ جي مين بازار مک چوڪ وٽ گڏ ٿيا جتان پ ٽ الف جي مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو ڪراچي جي صدر انور بلوچ ملير جي صدر نور محمد بادل انڊيجينيس جي اڳواڻ گل حسن ڪلمتي خاصخيلي اتحاد جي يعقوب خاصخيلي ايس ڊي او اڳواڻ سليم جي ميمڻ عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر سامي ميمڻ ھينڊس جي خليل واڍيلو ڪائونسلر ابوبڪر ميمڻ ميڊيم زينب اختر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سنڌ بچايو ، ملير بچايو تعليم بچايو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندا . يونين ڪاونسل آفيس پهتا  جتي ريلي عام ميڙاڪي ۾ تبديل ٿي وئي ان موقعي تي سياسي سماجي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملير ڪراچي جو اهڙو بدقسمت ضلعو آهي جتي تعليم نه هجڻ برابر آهي ڪورونا بهاني تعليم تباھ ڪئي ويئي آهي ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم آهن انتظاميا ۽ سنڌ سرڪار جي بي ڌياني سبب سڄي ملير ضلعي جا 48 کان وڌيڪ اسڪول بند پيا آهن 20 عمارتون خطرناڪ حد تائين زبون حالي جو شڪار آهن ۽ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ استادن جي سخت کوٽ آهي  ملير جي سينيئر صحافي سامي ميمڻ چيو ته صحافين ملير جي جهر جهنگ ۽ ڳوٺن جا دورا ڪري تعليم متعلق اڻ ڳڻيون رپورٽون هلائي تعليمي مسئلن کي ميڊيا ۾ اجاگر ڪيو آهي پر تعليم کاتو ۽ مقامي تعليمي ڪامورا ڪو به قدم نه کڻي سگهيا آهن. ان موقعي تي سلمان راڄپر رمضان ميمڻ جسم جي امداد چاچڙ سماجي اڳواڻ زاھد رحيم، طارق عزيز بلوچ، غلام محمد بروھي، علي ڪلمتي، ارم قادر، امر مگسي، رياض لنڊ نادر ميمڻ ۽ ٻين  خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.