لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻارڙن ۽ عورتن سميت 9 ڄڻا ڏاڙهي وڌا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، 3 ٻارن ۽ 3 عورتن سميت 9 ڄڻن کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي  ڪري ڇڏيو آهي جن ۾ 7 سالن جو صاحب ڏنو پٽ عبدالمجيد ناريجو، 12 سالن جو تنوير پٽ ديدار حسين جويو، 12 سالن جو حسنين پٽ عبدالغفور دايو، 21 سالن جي ماهه نور ڌيءَ محمد اقبال ڀٽي، 38 سالن جي گلزار خاتون ڌيءَ گل حسن چاچڙ، 38 سالن جو مير جان پٽ بدل خان، 60 سالن جي خان زادي ڌيءَ احمد علي گوپانگ، 60 سالن جو بهادر خان انعام خان بروهي ۽ 65 سالن جو امداد علي پٽ حسين بخش شيخ شامل آهن جن کي سندن وارثن ڌار ڌار زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو ويو. سينٽر انتظاميه موجب رولو ڪتن جي چڪ سبب زخمي ٿيل متاثرن کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.