ڌاٻيجي لڳ ٻن پورهيتن جا ڪمري مان لاش هٿ

ٺٽو(بيورو چيف) داٻيچي لڳ زرعي فارم ھائوس جي ڪمري مان ٻن ڄڻن طارق ۽ محمد صابر قيصراني بلوچ جا لاش ھٿ، حد جي پوليس  لاش ڪاروائي لاءِِ مقامي اسپتال منتقل ڪندي جاچ شروع ڪري ڇڏي، ٻنھي فوتين جو تعلق ڊيرا غازي خان جي تونسا شريف سان ٻڌايو پيو وڃي، پوليس موجب سندن موت جو ڪارڻ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد معلوم ٿيندو، جڏھن تہ اھو پڻ معلوم ٿيو آھي تہ فوتين جا لاش جنھن ڪمري مان مليا آھن، ان ڪمري ۾ سردي کان بچڻ لاء ڪوئلي جون سگريون ٻاريون ويون ھيون، انديشو آھي تہ ڪٿي ان ڪوئلي جي دونھين مان ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ ڀرجڻ ڪري سندن موت ٿيو ھجي. فوتي ٻئي پورھيت ڌابيچي ويجھو ھڪ پولٽري فارم تي مزدوري ڪندا ھئا، سندن لاش پوسٽ مارٽم بعد پوليس سندن وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، جيڪي پنھنجي ڳوٺ کڻائي ويا، پوليس موجب جانچ شروع ڪئي ويئي آھي. پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي. جڏھن تہ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ابتدائي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي تہ ٻنھي فوتين جو موت ڪمري ۾ ڪوئلي جي دونھين سبب سندن ساھ ٻوساٽجڻ ڪري ٿيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.