عمران خان لاشن کي اين آر او نه ڏنو: سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد

ڪراچي ( م ڊ ) ڪوئيٽا ۾ ڌرڻو هڻي ويٺل هزاره  برادري جي مطالبي کي بليڪ ميلنگ قرار ڏيڻ تي سوشل ميڊيا صارفين وزيراعظم عمران خان خلاف ڏمرجي پيا، سڄو ڏينهن عمران خان مخالف ٽوئٽر تي ٽاپ ٽرينڊ هلندا رهيا. نامياري دانشور ۽ ليکڪ انور مقصود پنهنجي روايتي انداز ۾ ٽوئٽ ڪندي چيو ته هزاره برادري ڀلي تدفين نه ڪري پر وزيراعظم عمران خان لاشن کي اين آر او نه ڏيندو. ليجنڊ مزاحيه اداڪاره عمر شريف چيو ته هزاره برادري لاشن جي تدفين ڪري ڇڏي، عمران خان وٽن ڪو نه ايندو. هڪ ٻي صارف 70 ورهين جي پيرسن جي تصوير لکي مٿان ڪيپشن هنيو ته ڇا 70 ورهين جو پيرسن بليڪ ميلر آهي. هڪ ٻي صارف معصوم نياڻين جي تصوير رکي لکيو ته ڇا هي نياڻيون بليڪ ميلر ٿي سگهن ٿيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.