ڪراچي ۾ وڳوڙين جو ڌرڻي تي حملو، 6 گاڏيون ساڙي ڇڏيون

ڪراچي ( رپورٽر  ) شاهراهه فيصل تي ڊرگ روڊ ويجهو مذهبي جماعت پاران مچ سانحي خلاف هنيل ڌرڻي دوران  وڳوڙين پهچي مظاهرين تي پٿراءُ ڪري 6 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. گذريل ڏينهن صبح جو ڊرگ روڊ ويجهو شاهراهه فيصل تي مذهبي جماعت پاران مچ سانحي خلاف ڌرڻو هنيو ويو ته نامعلوم ماڻهن پهچي ڌرڻي ۾ شريڪ مردن ۽ عورتن مٿان پٿراءُ شروع ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا. شرپسندن روڊ تان گذرندڙ شهرين کي موٽرسائيڪل تان لاهي سندن گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. متاثرن ۽ ڌرڻي شريڪ ماڻهن موجب پابندي مڙهيل مذهبي جماعتن جي ماڻهن اچي پٿراءُ ڪري موٽرسائيڪلن کي باهه ڏني. ٻئي پاسي پوليس شاهراهه فيصل پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.