مٺي واقعي جي جاچ ايس ايس پي نوابشاهه حوالي

مٺي (رپورٽر) مٺي ۾ اي ايس آءِ جي گهر مان ڏيپلو واسي نوجوان ڏونگر ميگهواڙ ۽ سندس سالي پڀيڪا ميگهواڙ جا ٽنگيل لاش ملڻ واري  واقعي جي جاچ ايس ايس پي نواب شاھ تنوير تنيو حوالي ڪئي وئي آهي.  آءُ جي سنڌ جي هدايتن بعد ايڊيشنل آءُ جي حيدرآباد نواب شاهه جي ايس ايس پي تنوير تنيو حوالي ڪئي،وارثن ٻيهر پوسٽ مارٽم لاءِ نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ مٺي جِي عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. ايس ايس پي ٿرپارڪر جي آفيس ۾ به نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ درخواست جمع ڪئي وئي.  ناري ۽ نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو ۽ وڏي وزير جي نوٽيسز باوجود ڪيس جي جاچ اڳتي نه وڌي سگهي، مٺي پوليس مامري کي لئه مٽي ڪرڻ جا سانباها ڪري رهي آهي، متاثرن طرفان ڪيس جي جوابدارن کي جلد منطقي انجام تائين پهچائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. هوڏانهن متاثرن قتل ڪيس جي فريادي ۽ شاهدن مبينا ڌمڪيون ملڻ خلاف ايس ايس پي کي درخواست ڏني آهي،جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اي ايس آءِ گل محمد ساند خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرائڻ کان پوءِ اسان کي مختلف هنڌن کان ڌمڪيون پيون ملن،چيو وڃي ٿو ته ڪيس تان هٿ کڻي وڃو،جيڪڏهن نه ته اوهان کي به ڪوڙن ڪيسن  ۾ ڦاسائينداسين،هنن جو چوڻ آهي ته بااثر جوابدار ڌر جي ماڻهن مان جاني ۽ مالي نقصان جو خطرو آهي،تحفظ ڏنو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.