ميروخان شھر سميت پسگردائي جي ڳوٺن ۾ ڇتن ۽ رولو ڪتن جو آزار نه گھٽيو، رولو ۽ ڇتن ڪتن ھڪ ٻارڙي سميت ٽن ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو ، ڳوٺ شھپر کوکر جي رھواسي 2 ورھين جي صنم جوڳي ، ميروخان شھر جي سولنگي محلا جي 40 ورھين جي حڪيم جکرو ۽ تنيا محلا جي 50 ورھين جي اميد علي تنيو کي رولو ۽ ڇتن ڪتن حملو ڪري ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو ، جڏھن ته ڪتي جي ڏاڙھيلن کي تعلقه اسپتال ميروخان مان انجيڪشن ڪرائي وئي ، ھوڏانھن تعلقه اسپتال ميروخان جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالستار گوپانگ جو چوڻ هو ته رولو ۽ ڇتن ڪتن کي مارڻ جي حوالي سان ٽي اوز ۽ يوسي سيڪريٽري طرفان ڪابه بھتر حڪمت عملي نه ھجڻ ڪري ھلندڙ مھيني ۾ 25 جڏھن ته گذريل يارھن مھينن ۾ ھڪ ھزار کان وڌيڪ ڪتن ڏاڙھڻ جا ڪيس رپورٽ ٿيا آھن