سنڌ جي نامياري اديب محقق عالم ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي ضلعي رابطا سيڪريٽري محمد امين مگسي جي ياد ۾سنڌي ادبي سنگت شاخ ميھڙ ۽ سوڀو مگسي پاران ڳوٺ سوڀو خان مگسي ۾ ميڙاڪو ٿيو جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ اديبن شاعرن ۽ سڄاڻ ڌرين شرڪت ڪئي ۔ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي نامياري اديب محقق ڊاڪٽر آزاد قاضي، نامياري اديب مترجم سماج سڌارڪ ڊاڪٽر محمد خان شيخ، نامياري شاعر اديب جوھر بروھي، ۔ پير آف ميھڙ سيد محمد شاھ، آزاد انور ڪانڌڙي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته محمد امين مگسي ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي بچاء ۽ تحفظ جي تحريڪ جو سرگرم اڳواڻ ھو ۔ ھو هڪ عالم باعمل ھو۔ ھو قومپرست ليکڪ ۽ سيڪيولر طور سڃاڻپ رکندڙ هو ۔ ھن پنھنجي ڪردار ۽ عمل سان زندگي ٺاھي ۔ کيس ايندڙ دور ۾ به تاريخ ۾ يادڪيو ويندو