”وزير اعظم وٽ ڪتن سان کيڏڻ لاءِ وقت آهي پر مظلومن وٽ وڃڻ لاءِ ناهي“

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز وزير اعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته توهان وٽ ترڪش ڊراما ڏسڻ جو وقت آهي پر مظلومن جي مٿي تي هٿ رکڻ جو ناهي.

مريم نواز وزير اعظم عمران خان جي مچ سانحي بابت موقف تي رد عمل ڏيندي چيو ته اِها بي حسي جي انتها آهي، توهان تي 22 ڪروڙ عوام جي زميواري آهي، ماڻهن جي آهن کي بليڪ ميلنگ چوڻ تي توهان کي شرم اچڻ گهرجي.

هن چيو ته هو پنهنجي ماڻهن جا لاش آڏو رکي ويٺا آهن، ڇا هنن جي لاشن کان توهان جي انا وڏي آهي، هو چون پيا ته توهان اچو، هنن جي مٿن تي هٿ رکو پر ان کي بليڪ ميلنگ پيا چئو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته توهان وٽ ترڪش ڊراما ڏسڻ ۽ ايڪٽرن سان ملڻ لاءِ وقت آهي، توهان وٽ ڪتن سان کيڏڻ جو وقت آهي پر مظلومن جي مٿي تي هٿ رکڻ لاءِ ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.