ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 47 ڄڻا فوت، 2 هزار کان وڌيڪ مثبت ڪيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ  ڪورونا وائرس سبب هڪ ڏينهن ۾وڌيڪ 47 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 38 هزار 369 ڪوروونا جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن کان پوءِ گڏيل ڪووڊ-19 ٽيسٽن جو انگ 70 لک 200 هزار 706 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 435 مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا، اهڙي ريت پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي تصديقي مريضن جو انگ 4 لک 97 هزار 510 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت تائين سنڌ ۾ 2 لک 22 هزار 999، پنجاب ۾ 1 لک 43 هزار 511، خيبرپختونخواهه ۾ 60 هزار 536، اسلام آباد ۾ 38 هزار 842، بلوچستان ۾ 18 هزار 314، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 430 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 878 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال ڪيسن جو انگ 33 هزار 124 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ڪورونا سبب وڌيڪ 47 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ ان وبا سبب فوت ٿيلن جو انگ گڏيل طور تي 10 هزار 558 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب ڪورونا مان هڪ ڏينهن اندر 3 هزار 313 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيل مريضن جو انگ وڌي 4 لک 53 هزار 828 ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.