ڪي اين شاهه ۾ بدامني، چوريون ڦرون، روز جو معمول، احتجاج

خيرپورناٿن شاھ ( ن ع آ  ) خيرپورناٿن شاھ جي گوليمار ڪالوني ۾ نامعلوم چور خادم علي چانڊيو جي گهر ۾ داخل ٿي گهر ۾ پيل 55  هزار روپيا روڪ ۽ ٽي موبائيل فون سيٽ ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا، هوڏانهن فتح پور هوٽل مان عامر چانڊيو جي موٽر سائيڪل نامعلوم چاٻي چور ڪاهي ويا جڏھن ته ٽي ڏينهن اڳ وچ شھر ۾ ڀاڻ ٻج زرعي دوائن جي مشور واپاري بشير احمد شيخ جي دڪان کي کاٽ هڻي چوري ڪندڙ چور گرفتار ڪري نه سگهي هوڏانهن شھري اتحاد جي چيئرمين حافظ محمد امين جمالي شھري ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين حافظ حاجن لغاري پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آھي ته خيرپورناٿن شاھ شھر توڙي ٻھراڙين ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ناهي روڊ محفوظ ناهن چوريون ڦورون ڌاڙا روز مره جو معمول بڻجي ويا آھن.  واپاري شھري توڙي ڳوٺاڻا غير محفوظ بڻيل آھن پوليس امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي پوليس عوام کي تحفظ ڏيڻ بجاء اگهور ننڊ ستل آھي جنهن ڪري شھري سخت پريشان آھن اسين آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ٿا ڪريون ته وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ شھر ۾ شٽر بند هڙتال سان گڏ انڊس هائي وي تي ڌرڻو هنيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.