وڪرو ڪيل نينگري پنجاب مان آزاد، عدالت ۾ پيش

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو)سکر جي علائقي سانگي ۾ يتيم نابالغ نينگري شازيه چاچڙ کي ڏاڏي عبدالحفيظ چاچڙ پاران پئسن  عيوض وڪرو ڪرڻ خلاف نينگري جي ماءُ حميده چاچڙ پاران پنهنجي وڪيل معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ ٻڌڻي ٿي گذري، ٻڌڻي دوران سکر پوليس نينگري کي پنجاب مان هٿ ڪرڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت پاران نينگري کان سندس مرضي معلوم ڪئي وئي جتي بازياب ٿيل نينگري شازيه چاچڙ عدالت ۾ بيان ڏيندي پنهنجي والده حميده چاچڙ سان وڃڻ جو راضپو ڏيکاريو جنهن تي عدالت نينگري کي ماءُ سان گڏ وڃڻ جو حڪم جاري ڪندي سکر پوليس کي نينگري کي تحفظ ڏيڻ جي هدايت ڪندي، ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي،  ٻي طرف درخواستگذار حميده چاچڙ جي وڪيل عبدالوهاب شيخ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه وقت اڳ لالچي ڏاڏي يتيم نابالغ پوٽي شازيه کي پئسن عيوض وڪرو ڪري ڇڏيو هو جنهن خلاف نينگري جي امڙ حميده جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي جنهن بعد عدالت سکر پوليس کي نابالغ نينگري بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن کي اڄ سکر پوليس بازياب ڪرائي عدالت پيش ڪيو، عدالت سڳوري نينگري کي ماءُ سان وڃڻ جي اجازت ڏني آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.