انور پيرزادو سنڌ ۽ ڀٽائي جو سچو عاشق هو: اقرار پيرزادو

ڏوڪري (رپورٽ : قاضي آفتاب ) سنڌ جي ناليواري اديب، شاعر، صحافي، ليکڪ ۽ دانشور انور پيرزادي جي 14 ھين ورسي جي  موقعي تي موهن جو دڙو ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ ٻلھڙيجي ۾ ساڃاهه وندن ۽ سندس خاندان جي ماڻهن پاران هڪ تقريب ڪوٺائي کيس ڀرپور نموني ڀيٽا پيش ڪئي وئي، تقريب ۾ ليکڪ اديب اقرار پيرزادي، رياض پيرزادي، محب حسين پيرزادي، علي مردان پيرزادي،حفيظ پيرزادي، انور جونيئر پيرزادي، قاسم پيرزادي، جانيئڙو سنڌي، شعور پيرزادي، غلام حسين مڪول، غلام مصطفيٰ سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي انور پيرزادي جي آخري آرام گاهه تي حاضري ڏئي گل رکي ميڻ ٻاريون ويون ڀٽائي ۽ انور پيرزادي جا بيت پڙهي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. جڏهن ته صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل به ٿي پروانو فقير، غلام شبير صوفياڻو راڳ رنگ ڳائي داد ماڻيو . ان موقعي تي ساڃاهه وندن جو چوڻ هو ته انور پيرزادو گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو هو هڪ ئي وقت اديب شاعر ليکڪ صحافي، دانشور ۽ سيلاني هجڻ سان گڏ ڀٽائي ۽ سنڌ جو عاشق هو اھڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن اسان کيس سلام عقيدت ۽ محبت پيش ڪيون ٿا.v

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.