ميهڙ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف عوامي تحريڪ پاران احتجاجي مظاهرو

ميهڙ ( رپورٽ: جميل مهيسر ) عوامي تحريڪ تعلقي ميهڙ طرفان اڄ  ڇهين  ڏينهن به شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ امتياز جتوئي، تعلقي صدر ايڊووڪيٽ مشتاق  چانڊيو، ايڊووڪيٽ نجيب مهيسر، ايڊوڪيٽ ذوالفقار چانڊيو، ايڊووڪيٽ منصور چانڊيو، ايڊووڪيٽ فياض حيدر شيخ، ايڊووڪيٽ صدام حسين گلال، سنڌير احمد چانڊيو، رستم علي سرگاڻي، شفيق احمد خاصخيلي، صحبت علي چانڊيو، امتياز علي سيال، عليشير چانڊيو، بلال جتوئي، فرحان علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج سخت نعريبازي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ميهڙ شهر مان روانو جي بنياد تي ٿيندڙ چورين ڦرن ڌاڙن ۽ موٽر سائيڪلن جي چورين ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪري شهر جو امن امان بحال ڪرايو وڃي،. هنن وڌيڪ چيو ته ميهڙ شهر جي شهرين کان ڌاڙن ڦرن ۾ کسيل سامان، پئسا ۽ چوري ٿيل موٽر سائيڪلون ڦورن واپس ڪرائي ميهڙ شهر واسين سان انصاف ڪيو وڃي، هنن چيف جسٽس آف سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ  جي حيدرآباد کان پڻ مطالبو ڪندي چيو ته ميهڙ شهر جي بدامني ۽ ميھڙ انتظاميه  جي خاموشي جو کين نوٽيس وٺڻ گهرجي،عوامي تحريڪ تعلقي ميهڙ طرفان سڀاڻي ڇهين ڏينهن راڌڻ اسٽاپ کان گهنٽاگهر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويندو جنهن ۾ سمورن شهر واسين، دڪاندارن، صحافين، وڪيلن، هارين، پورهيتن، مزدورن، استادن، شاگردن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي شرڪت جي اپيل ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.