باقراڻي ويجهو حادثو، نوجوان فوت، هڪ زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ فريد آباد روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ جو رڪشان سان زور ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي  سوار ڳوٺ علي جتوئي جو رهواسي 17 سالن جو نوجوان رسول بخش جتوئي ۽ سندس سئوٽ پهلوان جتوئي سخت زخمي ٿي پيا جڏهن ته حادثي بعد ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو، اطلاع تي علائقي واسين پهچي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي زخمن جا سور نه سهندي نوجوان رسول بخش جتوئي فوت ٿي ويو جنهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ زخمي کي طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي فوتي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته رسول بخش جتوئي پنهنجي سئوٽ پهلوان جتوئي سان گڏجي موٽرسائيڪل تي ڳوٺ شير خان جتوئي مائٽن ڏانهن وڃي رهيو هو ته فريد آباد روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ جي ٽرڪ ۾ هو فوت ۽ سندس سئوٽ زخمي ٿيو آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي نوجوان جو لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.