حڪمرانن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، نائب  صدر حورالنساءِ پليجو ۽ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب ملڪ جي ماڻهن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن. ملڪ جي ڪنهن به شهري کي جان جو تحفظ نه آهي. هزارا برادري جا ماڻهو پنهنجي پيارن جا لاش سخت سردي ۾ احتجاجن روڊ تي رکي ويٺل آهن، پر ملڪ جي وزير اعظم سميت ڪنهن به اعلى اداري جي ذميوار جي ڪن تي جون ئي ڪانه ٿي سري. حڪمرانن جي بي حس رويي ثابت ڪيو آهي ته هن ملڪ جو عوام ڄڻ ته ڪنهن دشمن ملڪ جو عوام آهي، جنهن سان ان قسم جو دشمني وارو رويو رکيو پيو وڃي. وزير اعظم عمران خان هزارا برادري ڏانهن ٽوئيٽر ذريعي نياپا موڪليا آهن جيڪو عمل نه رڳو شرمناڪ آهي، پر هزارا برادري جي قتل ڪيل وارثن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي.  عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته ڪراچي کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي حوالي ڪيو ويو آهي. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي باني حسن علي آفندي جي پوٽي زين حسن آفندي جو قتل انتهائي افسوسناڪ آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته هزارا برادري جي قتل ڪيل بيگناهه ماڻهن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ڪراچي ۾ قتل ڪيل حسن علي آفندي جي قاتلن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.