تلهار ۾ گهرن کي باهه، سامان سڙي رک، متاثرن جو احتجاج

تلھار ( رپورٽ : عاجز انور لاشاري ) تلھار ويجھو رات دير سان ڳوٺ پھاڙ لغاري ۾ ڪولھي برادري جي گھرن کي باھي وڪوڙي  وئي،اطلاع تي تلھار فائربرگيڊ عملو بروقت ڳوٺ پھاڙ لغاري پھچي باھه تي ضابطو آندو،راڄوخاناڻي پوليس بروقت پھچي بيان ورتا، گھرن جو چوداري مڪمل ڪوٽ ۽ ڪوٽ ڀرسان رکيل قيمتي سمورو سامان پڻ سڙي رک ٿي ويو،ڪو به جاني نقصان نه ٿيو ڪولھي برادري جي عورتن مردن عوامي پريس ڪلب پھچي اعلي اختيارين کان مدد جي اپيل ڪئي ان سلسلي ۾ ڪرشن ڪولھي،ڌرمو ڪولھي،بيني،باري، پرمي،سوڍي ۽ ٻين صحافين آڏو ڌانھيندي چيو ته بااثر زميندار اقبال ميمڻ،عبدالڪريم ميمڻ ۽ وڪيو ميمڻ ڀڏي تان لڏائڻ لا۽ مختلف طريقن سان پريشان ڪري رھيا آھن، گذريل ڏينھن ايريگيشن عملو پوليس ساڻ ڪري اسان جي گھرن مٿان بلاجواز چڙھائي ڪرائي بي گھر ڪرڻ چاھيو،جڏھن ته رات دير سان ھٿياربنڌ ٻوٽ ٻڌل ماڻھو موڪلي گھرن کي باھيون ڏئي گھرن مٿان فائرنگ ڪرائي آساني سان ھليا ويا اسان جو ڪوئي مددگار ناھي اسان وٽ ٻيو ڪو آجو ناھي اسان ڀڏي تي ڪکاوان گھر اڏاوت ڪري ٻچن سان زندگي گذاريون پيا پوليس پڻ بااثر ماڻھن  سان ٻٽ بڻيل آھي جڏھن ته بااثر زميندار مان جاني پڻ خطرو آھي.  اسان ايس ايس پي بدين نوٽيس وٺي ھوڏانھن اقبال ميمڻ عوامي پريس ڪلب تلھار جي صحافين سان رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪولھي برادري جا ماڻھو اسان وٽ اڳ ۾ ھاري ھئا جڏھن ته ھاڻي لغارين جا ھو ھاري آھن،ڀڏي ڀرسان اسان جي زرعي زمين آھي ۽ ڀڏو پڻ زمين سان گڏ اسان جي لکت ۾ اسان جو آھي اسان ڪولھين کي اٿارڻ لا۽ قانوني مدد ورتي باقي اسان ڪولھين جي گھرن کي باھيون ناھن ڏنيون ڪولھي ھروبرو الزام ھڻي رھيا آھن ٻي ڪا ڳالھ ئي ناھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.