ملڪ گير احتجاج ۾ شدت، پاڪستان ۾ لاشن کي به احتجاج ڪرڻو پوندو: بلاول

ڪوئيٽا/اسلام آباد(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان اهڙِي ڌرتي آهي، جتي شهيدن کي به احتجاج ڪرڻو  پوندو آهي، هتي هر شئي مهانگي ۽ عوام جو رت سستو آهي.بلاول ڀٽو ڪوئيٽا ۾ مچ سانحي جي شهيدن جي وارثن وٽ تعزيت ڪئي، ڪوئيٽا ۾ مچ سانحي ۾ شهيدن جا لاش رکي ڌرڻو پنجين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي، سخت سيءَ ۾ ماڻهن جو وڏو انگ جن ۾ عورتون به شامل آهن ميتن سان گڏ موجود آهن،  بلاول چيو ته  دهشتگرد حملن مان ثابت ٿيو ته نيشنل ايڪشن پلان ناڪام آهي ۽ اڃا تائين دهشتگردن جِي چيلهه به ناهي ٽُٽِي، اِها رياست جِي ناڪامي آهي ته ٻاهرين ملڪن مان پاڪستان ۾ دهشتگردن کي مدد ملي رهي آهي،اسان ڪيئن دنيا کي جواب ڏينداسين جيستائين اسان پنهنجي مظلومن کي تحفظ ۽ انصاف فراهم نٿا ڪري سگهون، پنهنجي عوام کي جيئڻ جو حق نٿا ڏياري سگهون، جيستائين رياست زندگي جو تحفظ نٿي ڏياري سگهي اها رياست نٿي سڏرائي سگهي هن چيو ته اسان ڪوئيٽا سياست ڪرڻ نه ڏک لاءِ آيا آهيون، ماڻهن جو مطالبو هڪ ئي آهي ته اسان کي جيئڻ ڏيو، توهان جي مطالبي تي ڪراچي ۽ اسلام آباد جي روڊن تي پ پ جا ڪارڪن به ان ۾ شريڪ آهن، هن چيو ته 1999ع کان وٺي 2 هزار ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن پر هڪ شهيد کي به انصاف ناهي مليو، جيڪي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ محب وطن آهن اهي سامهون ويٺل آهن، انهن ماڻهن کي انصاف نه ڏياري سگهياسين ته باقي ڪنهن کي ڪهڙو انصاف ڏيارينداسين، هن چيو ته اسان جي هزاره برادري سان روزگار ۽ سرڪاري عهدن ۾ به ناانصافي ٿيندي آهي، انتهاپسندي ٿي رهي آهي ته اسان جو نيشنل ايڪشن پلان به ناڪام آهي، هن چيو ته يقيني طور تي ٻاهرين ملڪ کان دهشتگردن کي مدد ملي رهي هوندي پر اها رياست جي ناڪامي آهي، ته ٻاهرين ملڪ مان سازش ٿي رهي آهي ، ان موقعي تي يوسف رضا گيلاني ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، جڏهن ته ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز به شهيدن جي وارثن سان عذرخواهي ڪئي ۽ روئيندڙ عورتن کي ڳلي لڳائي آٿت ڏني،مريم نواز  چيو ته 5 ڏينهن گذرڻ باوجود وزيراعظم عمران خان هزارا برادري کي آٿت ڏيڻ ناهي پهتو، متاثر ڪٽنب لاش رکَي اوهان جو انتظار ڪري رهيا آهن. مريم نواز چيو ته رياست ماءُ جيان هوندي آهي، پر افسوس آهي ته اهو حق ادا ناهي ڪيو ويو، اسان مچ سانحي تي سياست نه ٿا ڪريون، مريم نواز وزيراعظم سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن اوهان ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهيو ته پوءِ به همت ڪريو، ڪوئيٽا اچو ۽ متاثرن کي آٿت ڏيو، بي حسي، ناڪامي کي توهان سياست چئي ٽاريو، اهو ٿيڻ نه ڏينداسين، توهان کي هتي اچڻو پوندو، هي توهان کان ڪا وڏي شئي نه پيا گهرن، توهان تنقيد جي ڊپ کان نه پيا اچو، ڪا ڳالهه ناهي ٿوري تنقيد ٻڌي وٺجو، هن چيو ته توهان جو فرض آهي ته انهن جي ڏک ۾ شريڪ ٿيو، اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل شخص جي بي حسي تي گهڻو افسوس آهي، هن ڌرڻي وارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته مان هڪ ماءُ آهيان، ڌيءُ آهيان، مون کي توهان جي تڪليف جو احساس آهي،عمران خان کي چوڻ چاهيان ٿي ته هي لاش رکي توهان جا منتظر آهن، ڇا انهن لاشن کان توهان جي انا وڏي آهي، رياست جي ذميواري آهي ته پنهنجو حق ادا ڪري، توهان جي زخمن تي مرهم رکي، هن چيو ته وزيراعظم ڪوئيٽا نٿو اچي سگهي ته عوام کيس اسلام آباد ۾ به ويهڻ نه ڏيندو، هڪ ٻارڙي ڪنهن ” بي حس“ کي چئي رهي هئي ته جيستائين توهان نه ايندا مان پنهنجي والد کي نه دفنائينديس،هن چيو ته مان توهان جي حوصلي ۽ صبر کي سلام پيش ڪريان ٿي ته اڍائي هزار شهيدن جي قرباني باوجود صبر جو دامن هٿ مان ناهي ڇڏيو، جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي، هوڏانهن جي يو آءِ جو وفد مولانا عبدالغفور حيدري جي اڳواڻي ۾ ڌرڻي ۾ ايڪتا لاءِ پهتو، ٻئي پاسي اسلام آباد، لاهور، ملتان، ڊيراعازي، چڪوال، جعفرآباد، گلگت ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ ڌرڻا هنيا ويا.

ڪراچي(رپورٽر) مچ سانحي خلاف ڪراچي جي مختلف علائقن ۾20 هنڌن تي  ٽئين ڏينهن به ڌرڻا جاري رهيا، ڌرڻ سبب زندگي مفلوج ٿي وئي جڏهن ته شهرين سخت مشڪلاتن کي منهن ڏنو، سخت سيءَ باوجود احتجاجي ڌرڻن ۾ عورتون، ٻار ۽ بزرگ شامل آهن، ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته جيستائين وزير اعظم احتجاجي ڌرڻي ۾ نٿو اچي ميتن سان گڏ ڌرڻو جاري رهندو. مختلف علائقن پيپلز چورنگي، عائشه منزل، پاور هائوس چورنگي، نمائش چورنگي، نيو رضويه، سفورا چورنگي ۽ ڪامران تي ڌرڻا جاري آهن، ڌرڻي جي ڪري اسٽار گيٽ، ملير 15، ناٿا خان پل ۽ نيپا پل ٽريفڪ جي لاءِ بند آهي. جڏهن ته جڏهن ته نمائش چورنگي تي لڳل ڌرڻي ۾ گذريل ڏينهن صوبائي وزير ناصر حسين شاهه سميت مختلف پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ سانحي ۾ مارجي ويلن جي قاتلن جي گرفتاري سميت وزير اعظم عمران خان کان متاثرن وٽ جلد پهچي کين آٿت ڏيڻ جو مطالبو پڻ ڪيو،حب مان يار محمد بروهي جي رپورٽ موجب مجلس وحدت المسلمين پاران حب موندره چوڪ ويجهو مين آر سي ڊي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، هوڏانهن آغا رضا چيو ته عمران خان جيڪڏهن 5 منٽن لاءِ اچي وڃي ته تدفين جو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، منفي 10 ڊگري سينٽي گريڊ ۾ روڊن تي ويٺل آهيون، ڪو اسان جو درد محسوس ڪري.

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) مچ سانحي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌرڻا جاري، ٽريفڪ بلاڪ لاڙڪاڻي ۾ به  مچ سانحي ۾  بيگناهه قتل ٿي ويل 11 پورهيتن جي وارثن سان اظهار يڪجهتي طور ڌرڻو هنيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ مجلس وحدتِ مسلمين، اصغريه آرگنائيزيشن ۽ المتنظر طرفان شهر جي جناح باغ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جتي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هٿن ۾ جهنڊا، پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي لبيڪ ياحسين جون صدائون بلند ڪيون ۽ واقعي جي سخت مذمت پڻ ڪندي نعريبازي به ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن طارق بدوي، رضا علي شاهه، مولوي رياض حسين الحسيني، مشتاق علي ميمڻ، طارق رسول انڙ ۽ ٻين چيو ته ڪوئيٽا جي هزاره قبيلي سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي سالن کان وٺي دهشتگردن طرفان ٽارگيٽ جو نشانو بڻائي کين بيدرديءَ سان قتل ڪري سندن جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته مقتولن جا وارث گذريل پنجن ڏينهن کان پنهنجي پيارن جا لاش کڻي سخت سياري جي موسم ۾ ڪوئيٽا باءِ پاس تي ويٺل آهن جتي روزانو جي بنياد تي وفاقي ۽ صوبائي وزير اچي کين ڪوڙا دلاسا ڏيندا رهيا ٿا جڏهن ته وزيراعظم عمران خان کي انهن مظلومن جي لاءِ ايترو به وقت ناهي جو تڏي تي وڃي وارثن کي اِها خاطري ڪرائي ته هو دهشتگردن کي گرفتار ڪري قانون جي پڪڙ ۾ آڻيندو جيڪڏهن وزيراعظم ۾ ايتري اخلاقي جرئت ناهي ته پوءِ هو استعيفا ڏئي هليو وڃي ،خيرپورناٿن شاھ ۾ سيد عامر شاھ  اصغر حسيني جي اڳواڻي ۾ ڪُنري ۾ سيد عباس علي شاھ مٺياڻي ۾ الطاف حسين کوسو ،مولانا حب علي چانڊيو ، معشوق کوسو ماتلي ۾  مجلس وحدت المسلمين جي ڪارڪنن جي وڏي انگ ماتلي باء پاس حيدرآباد – بدين روڊ تي ڌرڻو هنيو ميرو خان ۾  صابر حسين وڌو ،سجاد حسين لاشاري، سردار مقبول احمد وڌو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ميهڙ ۾ سيد ثابت علي شاهه، سيد زين العابدين شاهه، سيد شفقت عباس ڪاظمي،ميرپور ماٿيلو۾ مولانا اختر علي لنڊ عبدالجبار حسيني، ظفر لاشاري، انور سيال هوڏانهن نوشهروفيروز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيعه رابطه ڪائونسل جي اڳواڻن غلام حيدر حيدري، سيد امتياز علي شاهه، سيد شفقت علي شاھ ۽ ٻين چيو ته  ھڪ سازش تحت شيعه برادري سان لاڳاپيل ھزارہ برادري کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو پيو وڃي، ٻئي طرف نوشهروفيروز مٺياڻي باءِ پاس وٽ قومي شاهراهه ڌرڻو هنيو ويو جميل الرحمان جتوئي، آغا حب علي چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته مزدورن جا قاتل فوري طور گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ ملڪ گير احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.نصيرآباد ۾ محمد ملوڪ لغاري ، سيد ديدار شاه ، سيد اختر حسين ،زوار حبدار علي لغاري، عرفان ڪلهوڙو ، خالد لغاري ، اسماعيل کوسو ۔ اسلم مڱڻهار، عابد حسين بروهي، عرفان علي مڱڻهار، فياض حسين مڱڻهار ،نئون  دمبالو ۾ الطاف بوزدار، اسد عباس لغاري، زنوار بوزدار، غازي احمداڻي نوابشاهه ۾ زوار محمد حسين چانڊيو، مولانا ڪفايت حسين ڪريمي، مولانا محمد عالم مري، عاصم رضا زيدي، مولانا غلام رضا مري، جعفر علي شاھه، غلام عباس سيال، سجاد جمالي، سلامت ساجدي سول سوسائٽي پاران سلمان ڪيريو، حسنين عباسي، شاھزيب عالماڻي، شھزاد سومرو، امير ڀنگوار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.قاضي احمد ۾ مولانا امير حسين ساجدي، مولانا عطا حسين چانڊيو، مولانا سيد سجاد حسين شاھ ، سيد مشتاق شاھ ، سيد شفقت شاهه ،جاويد علي راهو ،راڌڻ ۾فقير غلام حيدر سرگاڻي، آصف علي سرگاڻي، اڪبر گاڏھي، فيضان فدا  جوڻيجو، شاھد سرگاڻي رتيديري ۾ سيد شاهد حسين شاه ، مولانا ناصر مهدي ، سيد علي رضا شاهه،سيوھڻ ۾  صفدر حسين نجفي، سيد عنايت شاهه، نذير حيات سومرو، عاشق حسين شاهه ڪاظمي،شھدادپور ۾ سيد عادل عباس شاه ڪاظمي، سيد اسحاق شاه سيد ،زنواز شير قريشي، ارسلان علي زرداري، مولوي فدا حسين حبدار خاصخيلي شيخ ڀرڪيو۾  مولانا غلام رضا سريوال مولانا ارشاد حسين مزاري ، مولانا اعجاز حسين پتافي ،سجاول ۾ مظفر علي لغاري مختيار دايو ،ٽنڊو آدم ۾ اڪبر چغتائي ، سيد مهدي شاھ ،ٽنڊو غلام علي۾ قمبر علي ميمڻ،عبدالله ميمڻ ۽ امتياز ،ٽنڊومحمدخان محب علي ڀٽو ، محمود الحسن ، سجاد علي ڊومڪي ، مولانا ذوالقرنين حيدر ۽ ٻين ٽنڊوالهيار ۾ مولانا عزيزالله شاه رضوي ۽ مولانا غلام رضا سريوال جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن ڪيريا شاخ چوڪ تي ڌرڻو ھنيو مجلس وحدت المسلمين جي سڏ تي غلام رسول لاشاري . لياقت ڪنبوه جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن جو پريس ڪلب سامھون ڌرڻو هنيو ويو ٽنڊوڄام ۾ سيد جمن شاهه، ارشاد حسين مزاري، مولوي اديب علي آدابي، انور حسين ڪليري، در محمد ڪليري، امداد حسين ڪليري ۽ ٺٽي ۾ ڊاڪٽر شبير شاھ، جاويد شاھ، طالب شاھ اميرخاني، علي گوھر ايماني، ڪاظم شاھ، مولوي شبير لانگاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جاري آھي، ڌرڻي ۾ پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي سميت سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ٺل ۾ مقدم غلام ياسين ٻرڙو،شاهنواز منگي،خالد حسين مهر ،اوٻاوڙو الله ورايو شاھ، سيد اسد شاهه شوقت رند امتياز رند ،چمبڙ ۾ مير رضا جلباڻي، بشير احمد ميمڻ، راجا عمراڻي، ممتاز رستماڻي ،جاويد عمراڻي ،محرم سمون ، بدين ۾ امان الله ڪورائي. سليم خاصخيلي. شجاعت خواجه ،ڏهرڪي باءِ پاس روڊ تي ارباب ملڪ، عباس ملڪ، راهب سومرو ڊگهڙي ۾ ڊاڪٽر اسلم پرويز نقوي،ممتاز خاصخيلي،محمد بخش خاصخيلي،الطاف حسين بوزدار،ميراڪبر انقلابي ڳڙھي خيرو ۾ غلام حسين جعفري، احمد علي ڀٽي ۽ غضنفر علي کنڊ جي اڳواڻي ۾ ڌرڻا هنيا ويا، جنهن سبب ٽريفڪ بلاڪ ٿي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.