ميرپور خاص : ايس ايس پي ميرپورخاص فيصل بشير ميمڻ ايوان صحافت پهچي ويو

ايس ايس پي ميرپورخاص فيصل بشير ميمڻ ، ڊي ايس پي عثمان لغاري سان گڏ ايوان صحافت پهچي ويو جتي هن  جمھوري طريقي سان نون چونڊجي آيل عهديدارن صدر وارث خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري فضل شر ،سينيئر نائب صدر مختيار ڪيريو ،نائب صدر غفار رند، انفارميشن سيڪريٽري بابو شرف الدين لغاري کي مبارڪباد ڏيندي گلدستو پيش ڪيو. ان موقعي تي ايس ايس پي ڳالهائيندي چيو ته ميرپورخاص جا صحافي مثبت رپورٽنگ ڪن ٿا،  هو  اظھار جي آزادي ۽ تنقيد براءِ اصلاح تي يقين رکن ٿا، ھن چيو ته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.