ملير: هٿياربندن جو گهر ۾ سُتل نوجوان تي حملو، رتورت

 

ملير (ويب ڊيسڪ) ملير جي ڀينس ڪالوني ڀرسان ڄام ڪنڊي (الله والا چوڪ) وٽ اڻڄاتل هٿياربندن گهر ۾ گهڙي نوجوان انور سنديلي تي حملو ڪري کيس رتورت ڪري ڇڏيو.

انور سنديلو گهر ۾ سُتل هو ته هٿياربندن کيس پسٽل جا بٽ هڻي سخت زخمي ڪري وڌو، نوجوان جي دانهن تي پاڙي وارا جاڳي پيا، جنهن کانپوءِ هٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

هوڏانهن انور علي کي زخمي حالت ۾ شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي تي نيو ويو، جتان پوليس جو ليٽر ملڻ بعد کيس جناح اسپتال نيو ويو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.

ان موقعي تي زخمي انور علي جو چوڻ هو ته مان رات جي وقت ننڊ پيل هئس ته ٽن هٿياربندن حملو ڪري ڏنو، جنهن دوران هٿياربندن پسٽل جا بٽ هڻي مون کي رتو رت ڪري ڇڏيو، حملو ڪندڙ جوابدار منهنجي موبائيل فون به کڻي ويا آهن.

نوجوان چيو ته منهنجي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪري مون کي انصاف ڏياريو وڃي.

ٻئي پاسي ايس ايڇ او شاهه لطيف ٽائون واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري واقعي بابت تفصيل ورتا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.