مچ سانحي ۾ مارجي ويل 7 مزدور افغان شهري هئا: افغان قونصليٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغان قونصليٽ چيو آهي ته مچ سانحي ۾ مارجي ويل 7 مزدور افغان شهري هئا.

پرڏيهي کاتي کي لکيل خط ۾ افغان قونصليٽ طرفان چيو ويو آهي ته 3 مزدورن جي وارثن مڙهه افغانستان موڪلڻ جي درخواست ڪئي آهي.

خط ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ته ٽنهي افغان شهرين جا مڙهه چمن بارڊر کان افغانستان موڪليا وڃن.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ بلوچستان جي علائقي مچ ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري 11 مزدورن کي قتل ڪري ڇڏيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.