اسلام ڪوٽ ۾ زمين تي قبضي خلاف ڌرڻو، نوجوان کي مارڪٽ

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) اسلام ڪوٽ ۾ سرڪاري زمين جي مالڪي تان ڪولهي ۽ ڀيل برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار پيدا ٿيڻ توڙي پلاٽ تي مبينا  قبضي  خلاف ڪولهي برادري جي ماڻهن پاران ڪالھ ٻي ڏينهن تي به ڇڳن ڪولهي ۽ ٽيڪم ڪولهي جي اڳواڻي ۾ 50 کان مٿي مردن ۽ عورتن پاران احتجاج ڪندي   اسلام ڪوٽ کان  ننگرپارڪر ۽ ٿرڪول بلاڪ ون ۽ ٽو ڏانهن ويندڙ مۡک روڊ تي اوندهيو لڪ لڳ روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪندڙن عورتن کي ويهاري روڊ کي بند ڪري ڇڏيو،هڪ ڪلاڪ تائين بلاڪ روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون  بيهجي ويون،جنهن سبب مسافر سخت پريشان ٿي ويا،احتجاج ڪندڙن پاران روڊ بلاڪ ڪرڻ دوران ڌرڻي وٽان گذرندڙ رڪشو هلائيندڙ نوجوان منظور لنجو کي لٺيون هڻي مارڪٽ ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو،جنهن بعد زخمي ٿيل نوجوان جي وارثن ۽ دوستن جي پهچڻ بعد زخمي نوجوان جي وارثن ۽ ڪولهي برادري جي ماڻهن وچ ۾ جهيڙو شروع ٿي پيو،جنهن بعد پوليس پهتي،پوليس ۽ موجود ماڻهن وچ ۾ پيئي جهيڙي کي ٽاري ڇڏيو،جنهن بعد  پوليس احتجاج ڪندڙ ڪولهي برادري جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرائي  روڊ کي  کولرايو،انهي موقعي تي ڪولهي برادري جي ماڻهن   دانهيندي چيو ته اسان جي پلاٽن تي ڀيل برادري جي بااثرن هريسنگھ،صاحبو ڀيل ۽ ٻين زبردسستي قبضو ڪري اسان جي عورتن کي مارڪٽ ڪئي پوليس توڙي انتظاميه دانهڻ باوجود اسان سان انصاف نٿي ڪري هنن گهر ڪئي ته بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري اسان جو پلاٽ اسان کي ڏياريو وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، جڏهن ته الزام هيٺ آيل ڀيل برادري جي ماڻهن هرنسگھ ڀيل ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته احتجاج ڪندڙ نامي گرامي قبضا مافيا جي ٽولي جا ماڻهو آهن اهي سوين ايڪڙ سرڪاري توڙي ماڻهن جي پلاٽن تي قبضا ڪري زمين کي وڪرو ڪندا رهيا آهن،ڄاڻايل پلاٽ به اسان جو آهي جنهن تي گذريل  پنج سالن کان اسان جي والار ڪيل هئي جنهن تي ٻه ڏينهن اڳ ڄاڻايل ماڻهن زبردستي  عورتن کي لٺيون هٿن ۾ ڏيئي  ويهاري پلاٽ تي قبضو ڪيو،اسان پنهنجو پلاٽ خالي ڪرايو آهي، جنهن تي ڪولهي بردري جا ماڻهو پلاٽ ڦٻائڻ لاءِ مظلوم بڻجي احتجاج ڪري رهيا آهن، انتظاميه ڪاروائي نٿي ڪري،باقي اسان ڪنهن جي به پلاٽ تي قبضو نه ڪيو آهي،هوڏانهن پوليس موجب تڪراري سمورين ڌرين کي ويهاري سرچاءُ ڪرائي ڇڏيو آهي ڪابه ڌر اڳرائي نه ڪندي باقي زمين جو ماملو روينيو وارن  کي حل ڪرڻو آهي اُهي ئي حل ڪندا،واضع رهي ته ٿرڪول منصوبي بعد اسلام ڪوٽ جي  زمين جي اهميت وڌڻ بعد قبضا مافيا جا ڪيترائي ٽولا سرگرم ٿي شهر جي چوطرف خالي پيل  سوين ايڪڙ سرڪاري توڙي گئوچر جي زمين تي قبضا مافيا قبضا ڪري اڏاوتون ڪرڻ سميت زمين کي ڀڳڙن مۡٺ عيوض وڪرو ڪري رهيا آهن.مختيارڪار اسلام ڪوٽ انور علي هنڱورجو  ٻڌايو ته سرڪاري زمين تي ڪنهن کي قبضو ڪرڻ نه ڏنو ويندو چاهي ڪيترو به طاقتور هوندو انهي کان قبضو خالي ڪرايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.