ڪوٽڙي ( ن ع آ )ڪوٽڙي پوليس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي اسٽيٽ مئنيجر رفيق علي برھي جي فريادي تي 8 ڄڻن مقصود ـ ڀورو خاصخيلي ـ عرفان قمبراڻي ـ عبداستار شورو ـ شريف احمد قريشي ـ اختر مبين سھتو ـ نصير احمد ۽ عدنان قريشي خلاف سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي زمين تي قبضي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آھي ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آھي ته ڄاڻايل جوابدارن سنڌ يونيورسٽي جي زمين جيڪا خانپور ۾ آھي ان جا ڪوڙا ڪاگذ ٺاھرائي ان تي قبضو ڪيو آھي،