پ پ سنڌ ۾ عوامي جدوجهد واري سگھه وڃائي ويٺي آهي:نياز ڪالاڻي

دڙو (ن ع آ) دڙي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته پاڪستان پ پ سنڌ ۾ عوامي  جدوجهد واري سگھه وڃائي ويٺي آهي، جنهن ڪري اها هاڻي سنڌ پرستي وارو نئون روپ اختيار ڪري قوم پرستن کي استعمال ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جو ڪو به عمل سنڌ دوستي وارو نه رهيو آهي پيپلزپارٽي مفاهمت جي نالي تي سنڌ وڪڻي ڇڏي آهي ان ڪري پيپلزپارٽي تي اعتماد ڪري نٿو سگهجي قوم پرستن کي پيپلزپارٽي پارٽي بدران پاڻ ۾ اتحاد ڪرڻ گهرجي جيڪو بھتر رھندو هن چيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن پر ٻيٽن واري معاملي تي پيپلز پارٽي جو رويو غير مناسب رهيو آهي اسيمبلي مان قرارداد پاس ڪرڻ باوجود اڃان تائين ڪا به قانون سازي نه ڪئي آهي ۽ خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي هن چيو ته اوٻاوڙي ۾ سنڌ سڀا جي پرامن قافلي تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين خلاف سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي پنھل ساريو، ڪامريڊ عزيز سومرو، انور ملاح، شوڪت سومرو، عامر ميمڻ ۽ ٻيا اڳواڻ به ساڻس گڏ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.