اڪري چودڳي ( ن ع آ ) اڪري چودڳي ڀرسان ڳوٺ شاهد آباد واسي پرويز علي لاشاري، حسين علي، محمد نواز، نذير، اوشاق علي ۽ امير گل پريس ڪلب اڪري چودڳي پهچي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته بااثر عطر خان لاشاري 3 سال اڳ اسان جي امڙ سعيدان خاتون کي اغوا ڪري ويو هو، جنهن کان پوءِ ڪورٽ ۽ راڄوڻي معرفت اسان گم ٿيل ماءُ بازياب ڪرائي ۽ هاڻي واري پهرين جنوري جي رات عطر خان لاشاري ،گاجي خان ۽ ٻيا نامعلوم ماڻهون هٿيارن جي زور تي گهر اندر گهڙي اسان جي امڙ سعيدان کي هڪ دفعو ٻيهر اغوا ڪري ويا آهن، مزاحمت ڪرڻ تي اسان تي ۽ اسان جي گهر ڀاتين تي تشدد پڻ ڪيو ۽ هٿيار ڏيکاريندي ڌمڪايو، فيض گنج ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي، چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي نوٽيس وٺن.