عالمي وبا۽ تعليم کي پهتل نقصان

تحرير:جاويد احمد شيخ

2020ع ته ڪورونا وائرس جي تباهين ۾ گذري ويو ڪورونا وائرس جنهن عالمي خطرناڪ وبا جي صورت اختيار ڪري جتي پوري دنيا کي معاشي طور ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي، اُتي تعليم جي وهنوار کي پڻ تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. اهي حالتون اسان جي تعليم جي نظام لاءِ هڪ امتحان بڻجي ويون ، ان خطرناڪ وبا سان ڪيئن مقابلو ڪري سگهجي ٿو.  ڪورونا وائرس سبب جتي ٻيا جاني ۽ مالي نقصان پوري دنيا کي وڪوڙي رھيا آھن، اتي تعليمي حوالي سان ٿيندڙ نقصان جو ازالو به انتهائي مشڪل آھي، ان حوالي سان پوري ملڪ جا اسڪول ، ڪاليج ، يونيورسٽيون ۽ شاگردن پاران تعليمي حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻيل لائبريريون پڻ بند پيل آھن ، جڏھن ته ڪورونا وائرس عالمي وبا جي پھرين لھر ۾ به خاص طور تي تعليمي ادارن کي ئي مڪمل طور تي بند ڪيو ويو هو ، جيڪو ڪم سڀ کان پھريان سنڌ حڪومت ئي شروع ڪيو ۽ مڪمل لاڪ ڊائون به ڪيو ويو هو جڏهن ته ٻيون سڀ سرگرميون جنرل اسٽور ، ھوٽلون ، شادي ھال ، مارڪيٽون، پڙيون ٿوري گھڻي فرق سان ھلنديون رھيون،

خير جڏھن ڪورونا وائرس جي پھرين لھر جو تقريبن خاتمو ٿيو ۽ حڪومت تعليمي ادارا کولڻ جي منظوري ڏني ته ھڪ دفعو ٻيھر اميدن جا ڏيئا روشن ٿي پيا ته ھاڻي فڪر لٿو تعليمي سرگرميون بحال ٿي ويون، پر ڪجھ وقت کانپوءِ ڪورونا جي ٻي لھر ڪر کنيو ته وري خطري جي گھنٽي وڄڻ شروع ٿي وئي ۽ ھن دفعي به ٻيا ڪاروبار ۽ سرگرميون ته ھلائڻ تي راضپو ڏيکاريو ويو پر تعليمي ادارن کي ھڪ دفعو ٻيھر بند رکڻ جو حڪم ڏنو ويو، فارملٽيءَ طور ڪجھه وقت لاءِ آنلائن ڪلاسز وٺڻ ۽ بعد ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو.  سنڌ ۾ وري استادن کي اسڪولن ۾ حاصر رهڻ لاءِ چيو ويو۔ جيتوڻيڪ اِها به حقيقت آهي ته ڪورونا وائرس پوري دنيا ۾ سڀ کان گهٽ ٻارڙن کي متاثر ڪيو آهي جو اُنهن ۾ قوتِ مدافعت وڌيڪ ٻُڌائي وڃي ٿي، ساڳئي وقت عالمي ماهرن جو اِهو به چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڦهلاءِ ۾ ٻارڙن جو وڏو هٿ ٿي سگهي ٿو۔ ٻار بنا علامتون ظاهر ٿيڻ جي اِن ڪورونا وائرس جي وبا کي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين ڦهلائي سگهن ٿا. ان لاءِ دنيا جي اڪثر مُلڪن پنهنجا تعليمي ادارا بند رکيا هئا. پاڪستان ۾ پڻ ان عالمي وبائي صورتحال جي ڪري وڏو عرصو اسڪول بند ڪيا ويا، جڏهن ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ٻي لهر جي خطري کي نظر ۾ رکندي پنجويهه ڊسمبر کان يارهين جنوريءَ تائين سياري جون موڪليون ڪيون ويون

ڏٺو وڃي ته حڪمرانن جا ٻار گهڻو ڪري ته پاڪستان ۾ پڙهندا ئي نه آهن، اهي ٻاهرين ملڪن ۾ جديد تعليم پرائيندا آهن ۽ اهي ته گھر ويٺي آنلائين ڪيترن به پئسن عيوض پڙھي سگھن ٿا , انھن کي ته گھر ويٺي به ھزارين روپين عيوض ھوم ٽيچر اچي سبق پڙھائي ويندو پر غريب طبقو جيڪو ڏھاڙي ڪمائڻ وارو آھي ۽ ان ڪمائيءَ مان پنھنجي ٻار کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائي ٿو ته جيئن اھي تعليم پرائي اڳتي وڌي ڪجهھ ٿي ڏيکارين، جنھن پورھيت پيءُ وٽ ٻار کي رجسٽر وٺي ڏيڻ جا پئسا به بچت ڪري گڏ ڪرڻا ٿا پون، ان وٽ ته اھڙي تعليم جو ڪو تصور به ناھي، انھن جو جياپو ته صرف اھي سرڪاري اسڪول ئي آھن جن  کي تالو لڳل آهي۔ بهرحال وبا ڪنٽرول ٿيندي ئي حڪومت کي اسڪول کولڻ جو خيال آيو آھي.

تقربن ٻن مهينن جي موڪلن کان پوءِ اسڪول کولڻ جي سلسلي ۾  تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود صوبائي وزيرن جي ميٽنگ کانپوءِ صحت جي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏجي پريس ڪانفرنس ۾ ٻُڌايو ته سياري جي موڪلن ۽ وبا جي ٻي لهر جو جائزو وٺڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته تعليمي ادارا ٽن مرحلن ۾ کوليا ويندا. پهرين مرحلي ۾ 18 جنوري کان نائين ڏهين ۽ يارهين ٻارهين جا شاگرد اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ گهرايا ويندا، ڇو ته اُنهن جو جلدي  ۾ امتحان ٿيڻو آهي. جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ پرائمريءَ کان اٺين درجي تائين جا باقي شاگرد اسڪول اچڻ شروع ڪندا، جڏهن ته پهرين فيبروريءَ کان يونيورسٽيز کوليون وينديون. تعليم واري وفاقي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته بورڊ جا امتحان مارچ يا اپريل جي شروع ۾ ٿيڻا هُئا، انهن کي ملتوي ڪيو پيو وڃي ۽ بورڊ جا امتحان هاڻي مئي ۽ جُون ۾ ٿيندا ته جيئن شاگرد ڪورس ورڪ مڪمل ڪري سگهن. هُن واضح ڪيو ته 14 کان 15 تاريخ تي صحت جي صورتحال جو ٻيهر جائزو وٺنداسين ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهون ته بيماري ڪنٽرول ۾ آهي يا نه. دنيا ۾ تعليم ڪنهن به سماج لاءِ ڪرنگي جي هڏيءَ واري حيثيت رکي ٿي. جڏهن ته اِهو به ڏٺو ويو آهي ته جن سماجن ۾ تعليم عام آهي، اُتي نه رُڳو زندگيءَ جو معيار بُلند آهي پر اُهي سماج ترقيءَ جي بلندين کي ڇُهي رهيا آهن. جڏهن ته تعليم کان ڪيٻائيندڙ سماج ڪيترين ئي بُرائين جو ڳڙهه بڻجي چڪا آھن. ۽ اهي ترقيءَ جي گراف کان تمام گهڻو هيٺ آھن پر اسين ترقي پذير اِن ڪري سڏيا وڃون ٿا جو اسان وٽ تعليم جي شرح دنيا جي سُڌريل مُلڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي. جنهن جو ڪارڻ ماضيءَ ۾ حڪومتن پاران اِن شعبي کي نظرانداز ڪرڻ آهي. ايستائين جو مُلڪ جي سالياني بجيٽ ۾ تعليم لاءِ اٽي ۾ لوڻ برابر رقم رکي ويندي هُئي، جنهن ڪري نه ته تعليم جي معيار ۾ بهتري اچي سگهي نه وري سماج ۾ قابل ۽ اهل ماڻهو اڳيان اچي سگهيا.

جيڪڏهن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪنهن ماڻهوءَ قابليت جي منزل کي پار ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي ته حڪمرانن جي غلط پاليسن يا سفارشي ڪلچر سبب اُهو ڪنهن به اعليٰ عهدي کان محروم ڪيو ويو. جنهن جو نتيجو اسين اکين سان ڏسي رهيا آهيون جو سماج بهتر ٿيڻ بدران بگاڙ ڏانهن جلدي وڃي رهيو آهي. گذريل ڪجهه وقت کان دنيا جي سُڌريل سماجن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ اسان جي حڪمرانن کي به اِهو مس خيال ٿيو آهي ته تعليم جهڙي شعبي کي هٿي وٺرائي وڃي ۽ سالياني بجيٽ جي رقم ۾ پڻ وڌارو ڪيو ويو آهي، پر ماضيءَ ۾ جيڪو اسين نقصان ڪري چُڪا آهيون، اهو گهڻو ٿيو. جڏهن ته گذريل سڄو سال ڪورونا وائرس سبب جيڪا تعليم متاثر ٿي آهي يا نوجوان نسل جو جيڪو نقصان ٿيو آهي، اُن نقصان کي پوري ڪرڻ لاءِ پوري سماج کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، تڏهن ئي وڃي اسين اِن نقصان مان نڪري سگهنداسين.  تعليم جهالت کي ختم ڪرڻ لاءِ ھڪ مضبوط هٿيار آھي ان ڪري ڪورونا وائرس جي عالمي وبا کان احتياط ڪرڻ به وقت جي اهم ضرورت آھي پر تعليمي ادارا بند ڪري ٻارن ۽ نوجوانن جي مستقبل کي تباھ ڪرڻ آھي ان لاءِ حڪومت پاران ٻيهر تعليمي ادارا کولڻ بهترين عمل آھي ۽ انهن تعليمي ادارن کي  ايس او پيز تحت هلايو وڃي اِن ڏس ۾ حڪومت جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، جيڪا نه رُڳو ٻارڙن جي صحت بابت ڪافي فڪرمند آهي، پر اُنهن جي تعليم جي زيان تي به انتهائي پريشان آهي. تعليم جي حوالي سان شاگردن جو جيڪو نقصان ٿيو آهي، اُن نقصان کي پوري ڪرڻ لاءِ اسان جا معزز استاد هر ممڪن اُپاءَ وٺندا ۽ هر اهو وسيلو ڪتب آڻيندا ته جيئن پاڪستان جي ترقي لاءِ پنهنجي قوم جي ٻارن کي هڪ روشن مستقبل ڏانهن وڌائي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.