ناميارو صحافي، شاعر ۽براڊ ڪاسٽر فقير محمد سنڌي

تحرير:ساجد مسڻ

لاڙڪاڻي ضلعي کي ليکڪن، شاعرن، اديبن، دانشورن تاريخدانن ۽ محققن جو آستانو چيو ويندو آهي،جن هر دور ۾ پاڻ ملهايو آهي.

لاڙڪاڻي جي چيڪي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ فقير محمد سنڌي به هڪ آهي، جنهن ٿورڙي ئي عرصي ۾ وڏو نانءُ ڪمايو آهي.

سندس جنم 07 جنوري 1983 ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيو آهي.

فقير محمد سنڌي پرائمري جي تعليم شاھ محمد سنڌي اسڪول لاڙڪاڻي مان پرائي جڏهن ته مئٽرڪ 1998 ع تي گورنمينٽ پائلٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو مان پاس ڪئي وري انٽر 2000 ع ۾ ڪيائين، انٽر ڪرڻ کانپوءِ بي-اي 2003ع ۾  سچل سرمست اوريئنٽل ڪاليج لاڙڪاڻو مان پاس ڪيائين.

کيس ننڍي هوندي کان ئي لکڻ پڙهڻ جو شوق هيو، اهو ئي سبب آهي جو پاڻ ماسٽر جي ڊگري سنڌي ادب ۾  2005ع ۾  شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان ورتو، دنوي تعليم کان علاوه سندس ديني تعليم واري قابليت به ڏسڻ وٽان آھي ،جنهن ۾ پاڻ مولوي، عالم ۽ فاضل جو ڪورس 1998ع پاس ڪيو آهي،ان کان علاوه پاڻ درس نظامي جو ڪورس 1995ع کان 2001ع تائين مدرسه جامعيه عربيه جيلاني مان ڪيو آهي، جنهن مان هن سندالفراغ  سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري مڃتا پڻ ماڻڻ آهي.

فقير محمد سنڌي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عاشق پڻ آهي، پاڻ هر موضوع تي قلم آزمائي ڪندو رهيو آهي، سندس سڃاڻپ جو خاص حوالو دوستن جي نون آيل ڪتابن تي سڀ کان پهرين ڪيل بهترين تبصرا آهن. ان کان علاوه پاڻ سنڌي ٻوليءَ جو پڻ وڏو خيال رکندڙ آهي، جتي به کيس ڌاري ٻوليءَ جا لفظ سامهون ايندا آهن ته انهن کي هٽائي، ان جي جاءِ تي ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ ڪتب آڻيندو آهي.

جيڪڏهن سندس علمي خدمتن تي نظر ڦيرائينداسين تي اسان کي معلوم ٿيندو ته سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ،شعري مجموعو، وچن وفا جا 2004 ع، ٻيو شعري مجموعو، جاني جيون جوڙ ، 2008ع ۾،گڏيل شاعري جو مجموعو، قلمڪار ڪوي 2009 ع۾ ، عظيم هستين جا عظيم قول 2012ع تي شايع ٿيو ، سنڌ جي تاريخ( سهيڙيل تاريخ وار) آڪٽوبر 2013 ع تي ، گڻ جنهن جا ڳائن ماڻھو …حفيظ کوهاري جي شخصيت ۾ فن تي.

ان کان علاوه سهيڙ ۾ سنڌ جي قديم تاريخ جو هڪ ورق. جيڪو سينيئر اديب سائين جي ايم رئيساڻي جي زندگيءَ بابت تاثرات لکيل آهن، سونهن سمبارا( ريڊيو اسڪرپٽ ) 2016ع ۾ شايع ٿيو ۽ اهڙي طرح 2020ع تي قلمڪار پبليڪِشن پاران ڪتاب، "تاريخ جو منظر ۽پس منظر” شايع ڪيو آهي . سندس پوکيل هيترا سارا گل سنڌي ادب جي باغيچي ۾ خوشبو پکيڙي ذھنن جي ذرخيزي ڪري رهيا آھن.

سندس ڪيل ادبي خدمتن ۾ نوجوان ادبي فورم ، لاڙڪاڻي جو رابطه سيڪريٽري ،اياز ادبي اوطاق جو سنڌ جو سيڪريٽري جنرل،،قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو جو نگران،،ڪمپيئر ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو 2006ع کان ،ايڊيٽر ٻه ماهي قلمڪار مئگزين لاڙڪاڻو ، ايڊيٽر سجاڳ مئگزين لاڙڪاڻو ،، ايڊيٽر سلسليوار اخبار قلمڪار لاڙڪاڻو۽ ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر روزاني ”ارادو “ لاڙڪاڻو شامل آهن.

سندس ڪيل خدمتن ۾ سائين فقير محمد سنڌي جون ڪاوشون ظاهر  آھن، فقير محمد سنڌي جي ادبي سڃاڻپ ، شاعر ، اديب ، ڪالم نگار ، ايڊيٽر ، صحافي ۽ ڪمپيئر طور اسان سڀني وٽ مشهور آهي.

فقير محمد سنڌي طبيعت ۾ خوددار ۽ باضمير هجڻ ڪري ڪنهن جي به آڏو هٿ نه ٿو ٽنگي، نه ئي ڪنهن سرڪاري ڪاموري آڏو پنهنجو پاڻ کي پيش ڪري ٿو، سندس اڻ ڇپيل ڪتابن جي ڊگهي لسٽ آهي،  ڏسجي ته ڪهڙو قدردان سندس ڪتابن کي شايع ڪرائي سندس علمي و ادبي حوصلا افزائي ڪري ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.