سنڌ اسيمبلي ۾ مچ سانحي خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور، وزيراعظم متاثرن وٽ نه ويو: ميمبر

ڪراچي (رپورٽ: صادق سومرو ) سنڌ اسيمبلي ڪالهه مچ سانحي تي هڪ گڏيل قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي. قرارداد پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن طرفان پيش ڪئي وئي شهيدن جي  ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي وئي، اسيمبلي ميمبرن چيو ته اسان هزاره برادري جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون اسپيڪر آغا سراج دراني ان ڳالهه تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته ڪيترائي ميمبر ايس او پيز تي عمل نه ڪري رهيا آهن صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه قرارداد جي حمايت ڪندي چيو ته اسان مچ سانحي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل هن حڪومت جي اچڻ کان پوءِ روڪيو ويو جڏهن ته اهو وقت جي ضرورت آهي. هن الزام لڳايو ته ان واقعي ۾ انڊيا ملوث آهي، ان واقعي ۾ اسان جي ملڪ جي دشمن جو هٿ آهي. ناصر شاهه چيو ته وزيراعظم کي اتي وڃڻ گهربو هو پر هو اڃا تائين نه ويو آهي هو انساني همدردي تحت ئي هليو وڃي ها،صوبائي وزير سيده شهلا رضا مچ سانحي تي وفاقي حڪومت جي بي حسي تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هيءَ اهڙي مرده حڪومت آهي جنهن جو وزيراعظم اڃا تائين متاثر خاندانن جو ڏک ورهائڻ ناهي ويو. متحده جي  محمد حسين چيو ته حڪومت ان دهشتگرداڻي ڪارروائين جو نوٽيس وٺي. پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته مزدور ڀائرن کي امن جي دشمنن قتل ڪيو، هي تمام معصوم ڪميونٽي آهي. اسان هن قرارداد جي حمايت ڪريون ٿا، پ پ ايم پي اي امداد پتافي هڪ خاص برادري خلاف دهشتگردي تي افسوس آهي وفاقي سرڪار هن ملڪ کي تباهي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي، پاڪ فوج اسان جو پنهنجو ادارو آهي، ذوالفقار ڀٽو هڪ لک فوجي آزاد ڪرايا، فوج رڳو توهان جي ناھي، هن چيو ته مولوي صاحب کي عرض آهي ته هڪ دعا اها به گهري ته پي ٽي آئي حڪومت مان جان ڇٽي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.