مچ سانحو سيڪيورٽي ادارن جي ناڪامي آهي: پاڪستان بار ڪائونسل

اسلام آباد(م ڊ) وائيس چيئرمين پاڪستان بار ڪائونسل عابد ساقي مچ سانحي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت بلوچستان ۾ هزاره برادري کي تحفظ فراهم ڪري، متاثر خاندان ڪميونٽي جي تحفظ  لاءِ وزيراعظم جي خاطري جي انتظار ۾ آهن، هن چيو ته متاثر خاندان پنهنجي پيارن جي جنازن سان سخت سرديءَ ۾ ويٺل آهن، سفاڪ حڪومتي روئي ۽ هزاره برادري جا مطالبا پورا نه ڪرڻ تي سخت ڳڻتي آهي، مچ واقعو حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن جي ناڪامي آهي. هوڏانهن جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمد الله چيو آهي ته وزيراعظم کي ڪوئيٽا ۾ ڪهڙي تڪليف ٿئي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.