کنڀيلن جي آزادي لاءِ حيدرآباد ۾ بک هڙتال جاري، هڪ ڄڻي جي حالت خراب

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ سڀا پاران جبري گم ڪيل ماڻھن جي بازيابي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامھون ھلندڙ بک هڙتالي ڪيمپ جي  اڳواڻي ڪندڙ حسين ڏاهري کي طبعيت خراب ٿيڻ ڪري سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جڏھن تھ ڪالهه ٽئين ڏينھن به مرڻ گھڙي تائين ھلندڙ بک ھڙتال جاري رھي. بک هڙتالي ڪيمپ  جي اڳواڻي نظير کوکر، عاقب چانڊيو جي امڙ مختيار بيگم، سنڌو امان چانڊيو، شازيه چانڊيو، ايوب ڪانڌڙي جي نياڻي ماروي ڪانڌڙو، شبيران آرائين ۽ ٻين ڪئي. بک هڙتال تي سنڌ سجاڳي فورم جو اڳواڻ محب آزاد لغاري، امجد رند ، ايڊوڪيٽ اندرجيت لوهاڻو، محمد علي سنجراڻي، محمد خان سنجراڻي، زاهد سومرو، زرينه مهر، حميره آرائين،عاقل ڪلهوڙو، مالهي شنڪر يڪجهتي طور پهتا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.