ڊفينس ۾ ٽن هنڌن تي گيس ليڪيج سبب باهه لڳي وئي، خوف

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ڊفينس واري علائقي ۾ سئي گيس ڪمپني جي غفلت سبب ليڪ ٿين پائيپ لائين کي باهه لڳي وئي،  باهه لڳڻ سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو. گذريل ڏينهن ڊفينس فيز 5 بدر ڪمرشل جي علائقي ۾ گيس لائين ليڪ ٿيڻ بعد ان کي باهه لڳي، باهه لڳڻ بعد سئي گيس انتظاميا کي اطلاع ڏئي علائقي کي گيس جي سپلائي بند ڪرائي وئي، علائقي واسين موجب روڊ ڪناري زمين ۾ پوريل گيس پائيپ لائين ۾ ليڪيج ٿي ۽ ڪنهن شهري ان مٿان سگريٽ اڇلايو ته ٻاهه ڀڙڪي پئي، علائقي ۾ ٽن هنڌن تي ساڳي وقت باهه لڳڻ سبب خوف واري صورتحال پکڙجي وئي. ٻئي پاسي سئي سدرن گيس ڪمپني جي ترجمان ٻڌايو ته گيس ليڪيج جي شڪايت بعد علائقي کي گيس جي سپلائي معطل ڪري ٽيمون موڪليون ويون آهن. 03

 کاڌو پهچائڻ جو آسرو ڏئي پئسا کائيندڙجوابداررمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل مجسٽريٽ اوڀرجهانگير جمالي جي عدالت ۾ آن لائن فوڊ سپلاءِ جي مد ۾ شهرين کان ڦرلٽ ڪندڙ جوابدار کي فيروز آباد ٿاڻي جي پوليس پيش ڪيو عدالت ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي .جوابدارعدالت ۾ بيان ڏنو ته ٻارڙي جي کير لاءِ پئسا نه هئا انڪري ڦرڪئي آهي .مجبوري انسان سڀ ڪجهه ڪندو آهي مان به پنهنجي ٻار جي لاءِ ڪيو آهيان .عدالت پاران جاچ آفيسر کي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي .عدالت ۾ جاچ آفيسر چيو ته جوابدار فورڊ سپلاءِڪرڻ جي گهرگهروڃي ڦرلٿ ڪندو هو .جوابدار جي ٻين ساٿين جي ڳولاجاري آهي .جوابدار کان هڪ پستول ۽ 4هزار درخواست گذار کان ڦرڪئي رقم ملي آهي .ايس ايس پي اوڀر  چيو ته جوابدار 21 وارڌاتن جواعتراف ڪيو آهي . 03

سٽي ڪورٽ ۾ وڪيل ۽ ليڊي اهلڪار ۾ جهيڙو

ڪراچي ( رپورٽر) سٽي ڪورٽ ۾ وڪيل عورت ۽ ليڊي پوليس اهلڪار وچ ۾ جهيڙو  ٿي  پيو.  ليڊي پوليس اهلڪار ڪرن  پيشي دوران پينو فقيرن سان گڏ  عدالت پهتي هئي. وڪيل ڪرائڻ تي ليڊي پوليس  اهلڪار ۽ عورت وڪيل وچ ۾  جهيڙو ٿي پيو، ليڊي اهلڪار زخمي ٿي پئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.