ڪرمپور (ن ع آ) ڪرمپور ڀرسان ٻنيءَ تي ستل چوڪيدار کي هٿياربند اغوا ڪري ويا. ڳوٺ محمد مراد بجاراڻي ۾ هٿياربند پورهيت علي خان جعفري کي اغوا ڪري ويا صبح جو وارث زمين تي پهتا ته بسترو خالي پيل هو ۽ هٿياربندن جا پيرا هئا. ڳوٺاڻن جي اطلاع بعد ڪرمپور پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ڳوٺاڻن ۽ پوليس گڏجي هٿياربندن جا پيرا کنيا، جيڪي ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ وڃڻ بعد پوليس ۽ ڳوٺاڻا واپس موٽي آيا.